مشهور ليکڪا شارلوٽ برانٽي

0
281
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو

                 هن لکيو ته I am no bird and no net ensnares me, i am a free human being with an independent will  “مان ڪو پکيئڙو ناهيان جنهن کي ڄار قيد ڪري سگهي پر مان ته آزاد انسان آهيان خودمختيار، مرضي واري.” وڪٽورين دور جي پدري سماج ۾ پاڻ کي آزاد انسان ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪندڙ شارلوٽ برانٽي Charlotte Bronte جو جنم 1816ع ۾ ٿيو. هن کي چار ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ هو. هوءَ گهر ۾ ٽيون نمبر ٻار هئي. ننڍڙي عمر ۾ ئي هن موت کي پنهنجي گهر طرف بانبڙا پائيندي ڏٺو. هن جي ڀيڻ Anne جي جنم جي ڪجهه وقت بعد هن جي ماءُ گذاري وئي. ڪجهه سالن بعد هن جون ٻه وڏيون ڀينرون ماريه ۽ ايلزبيٿ به  ٽي بي جهڙي خطرناڪ بيماري جي ور چڙهي ويون. ٻارن جي پالڻ لاءِ هنن جي ماسي کي گهرايو ويو.  گهر جي اداسي جي ماحول ۾ ٻارن ڪتابي دنيا ۾ پنهنجي هڪ دنيا تخليق  ڪئي.

شارلوٽ، ايملي ۽ اين شاعري ذريعي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي ناول به لکيائون. ٽنهي ڀينرن جي  ناولن کي classic ناولن جي حيثيت حاصل آهي. شارلوٽ ٻنهي ڀينرن کان وڏي ۽ سنجيده طبعت رکندڙ ڇوڪري هئي. هن جي لاءِ ايلزبيٿ گيسڪل لکي ٿي.“ هڪ خاموش، گهري سوچ ۾ ٻڏل ننڍي قد، نرم، ناسي گهاٽن وارن واري ڇوڪري جنهن جي اکين جو رنگ ڳاڙهسرو ناسي هو جن منجهان روشني ايئن پئي نڪتي ڄڻ ته روحاني بتي spiritual lamp  ٻاري وئي هجي.” ايزبيٿ گيسڪل شارلوٽ جي biography لکي. life of Charlotte Bronte شارلوٽ برانٽي لاءِ زندگي المياتي دردن ۽ تڪليفن سان ڀريل هئي. اهي درد ئي هئا جيڪي هن کي ادب جي وسيع دنيا طرف وٺي آيا. شاهه سائين جي سٽ وانگر ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو.

هن ڪجهه نظم لکيا ۽ جڏهن هن ڏٺو ته هن جي ننڍين ڀينرن به اهڙائي خوبصورت نظم تخليق ڪيا آهن ته هن انهن کي گڏائي ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو.  انهن پنهنجي نالن بدران مردن جا نالا استعمال ڪيا. ايئن ئي Bronte sisters جو شاعري جو مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ايملي جي شاعري کي گهڻو پسند ڪيو ويو. شارلوٽ برانٽي جو پهريون ناول پروفيسر هو جنهن کي پبلشرن ڇاپڻ کان انڪار ڪيو . ان بعد هن Jane Eyre لکيو. اهو ناول ڇپرائڻ لاءِ پڻ شارلوٽ ساڳيو مرداڻو نالو Currer  Bell لکيو. ان وقت جي وڪٽورين سماج ۾ ادبي دنيا ۾ مرد اديبن جو راڄ هو. jane Eyre ڇپجڻ سان هن کي سٺي شهرت ملي اهو هڪ آتم ڪٿائي ناول Autobiographical novel آهي. ان جي هيروئن هڪ يتيم ڇوڪري Jane Eyre آهي ان جا والدين مري چڪا آهن. هن کي پنهنجو مامو پالي ٿو. هو مرڻ وقت جين جي پارت پنهنجي زال کي ڪري ٿو.

مامي جي موت بعد ان گهر ۾ جين تي ذهني ۽ جسماني تششد ڪيو وڃي ٿو. هن جو ذهن چڙچڙو ۽ باغي بڻجي ٿو ۽ هيءُ پنهنجي ماميءَ Mrs Reed کان سخت نفرت ڪرڻ لڳي ٿي. هوءَ به جين کان جان ڇڙائڻ لاءِ هن کي پري هڪ Charity School ۾ موڪلي ڇڏي ٿي جتي جين زندگي جا ڏکيا سبق سکي ٿي. اتي پڙهائي مڪمل ڪري پڙهائڻ جو تجربو هجڻ ڪري هوءَ هڪ گهر ۾ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي پڙهائڻ لاءِ governess ٿئي ٿي. هونئن به جين جي رهڻ لاءِ ايڏي وڏي دنيا ۾ نه ڪو گهر هو نه ڪو ٻيو رشتيدار. هن پنهنجي ماميءَ ڏانهن واپس وڃڻ نه پئي چاهيو. هن کي خوشي ٿي ته هن کي رهڻ لاءِ هڪ گهر ملي ويو. اتي ئي رهندي ننڍڙي Adele کي پڙهائيندي هن جي ملاقات ان گهر جي مالڪ Mr Rochester سان ٿئي ٿي جنهن سان هن کي پيار ٿي وڃي ٿو. هو ٻئي شادي لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. ان گهر ۾ رهندي هن کي خوفناڪ خواب اچن ٿا ۽ پوءِ هڪ چري عورت Mad woman جو ڪردار ظاهر ٿئي ٿو. جيڪو ناول ۾ خوف ۽ تجسس پيدا ڪري ٿو. جين جي Rochester سان شادي جي ڏينهن اهو راز ظاهر ٿئي ٿو ته اها Bertha نالي عورت هن جي زال آهي جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي.

اهو ٻڌي جين کي صدمو رسي ٿو ته اها ڳالهه هن کان لڪائي وئي هئي هوءَ اهو گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي Rochester جي ياد ستائڻ لڳي ٿي. هن کي لڳي ٿو ته هو تڪليف ۾ آهي ۽ جين کي سڏي رهيو آهي. هوءَ جڏهن ان گهر واپس اچي ٿي ته هڪ المياتي منظر آهي گهر سڄو سڙي چڪو آهي. اتي ڪير ناهي. هوءَ پڇا ڪري ٿي  خبر پويس ٿي ته Rochester جي زال ان گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ پاڻ ڇت تان بل ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين ان کي بچائڻ لاءِ Rochester پنهنجون اکيون ۽ هڪ هٿ وڃائي ڇڏيو. هوءَ پڇا ڪندي ان جڳهه وٽ اچي ٿي جتي هو رهي ٿو هو جين جي اچڻ تي خوش ٿئي ٿو. جين کي به هن سان ئي محبت هئي. هو پڇيس ٿو “ جين تون مونسان شادي ڪندينءَ؟ هڪ انڌي ماڻهوءَ سان جنهن کي توکي هٿ سان وٺي هلائڻو پوندو ۽ جيڪو توکان عمر ۾ ويهه سال وڏو آهي. جين چئي ٿي مون لاءِ هن ڌرتي تي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي ته مان توهان جي زال ٿيان ۽ پوءِ ناول جي خوشي تي پڄاڻي ٿئي ٿي. شارلوٽ جو اهو ناول classic جي حيثيت رکي ٿو.

Arthur Compton Rickett لکي ٿو This little woman was alive to her finger tips and she wrote her pages with her own life blood.  شارلوٽ لاءِ محبت ساهه کڻڻ وانگر هئي. هن اڪيلي عورت جي درد ۽ پيڙائن تي لکڻ سان گڏوگڏ عورت کي انسان ڪري پيش ڪيو جنهن وٽ خواب، جذبا ۽ احساس۽پنهنجون خواهشون ٿين ٿيون. شارلوٽ زندگي ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو هن جون ٻئي ليکڪ ڀينرون ايملي ۽ اين جيڪي عمر ۾ هن کان ننڍيون هيون اهي هن کان اڳ هن کان وڇڙي ويون. شارلوٽ 1854ع شادي ڪئي ۽ ٻئي سال 1855ع ۾ هوءَ pregnancy ۾ گذاري وئي ۽ اهي ڳاڙهسريون ناسي رنگ واريون روحاني روشني سان چمڪندڙ اکيون هميشه لاءِ بند ٿي ويون.