قبائلي جھيڙن جي ور چڙهيل امن جي ڌرتي

0
123
حب الوطني جو لازوال ڪردار مارئي

بزرگن، درويشن ۽ صوفين واري سنڌ جون اهي ڳالهيون ۽ شاندار روايتون ته هاڻي صرف آکاڻيون بڻجي ويون آهن، جن ۾ صبح ۽ شام سانت هوندي هئي. هر ڏينهن جي آجيان محبتن جي ميلاپ سان ٿيندي هئي. هر چهري تي مُرڪون وکريل هونديون هيون. پر هاڻي ته سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي جو حقيقي رومانس ته موڪلائي ويو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي جا سمورا رنگ اَنا جي ور چڙهي ويا آهن. سنڌ جون شاندار روايتون انا جي ٽياس تي ٽنگيل آهن .ھاڻي ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ هر نئين صبح  ولوڙن جي جهوجهو جي آواز بدران فائرنگ جا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ اچڻ ٿا. سنڌ جو وچولو ۽ لاڙ پٽ وارو خطو توڙي حسين جماليات جو منظر اسان جو ٿر، اهڙن قبائلي ڪلورن کان ڪناره ڪش آهي، پر اُتر سنڌ، جنهن جو هر شهر، واهڻ وستي ۽ هر ڳوٺ اهڙو ضرور هوندو، جيڪو ڪجهه سالن کان انهن قبائلي جھيڙن (برادري تڪرارن) جي گهيري ۾  آهي. قبائلي جھيڙن جي ھن جھالت سنڌي سماج جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي انهن قبائلي جهيڙن جي ڪري اتر سنڌجي ڳوٺن جا ويڙھا ويران ٿي ويا آهن انھن ڳوٺن شھرن جي زندگي جو شاندار رومانس موڪلائي ويو آهي .قبائلي جھيڙن۽ برادري تڪرارن جو ھڪ اھڙوئي خوني واقعو ڪجهه  ڏينهن اڳ مدئجي ڀرسان ڳوٺ ميرل جي وانڍ۾پيش آيو آهي جنهن ۾ ڪلھوڙن ۽ جوڻيجن جي برادري تڪرار۾ ٻنھي ڌرين جا 8ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.

قتل ڪيل انهن 8ڄڻن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي ۽انهن جي عمر 18سالن کان 45 سالن جي وچ واري آهي. چوري تڪرار تان ڪلھوڙن۽جوڻيجا بردارين۾ شروع ٿيل انھي خوني جھيڙي جي نتيجي۾ قتل ڪيل انهن نوجوانن جا لاش سنڌ جي شعور کان ۽ وقت جي حاڪمن کان سوال ڪري رھيا ھئا ته  سنڌ آخر ڪار ڪيستائين انهن  نوجوانن جا لاش پنهنجن ڪلھن تي کڻندي رھندي؟ ۽ امن جي ھي ڌرتي سنڌ ڪيستائين قبائلي جھيڙن جو درد ڀوڳيندي رھندي؟ ھن خوني جھيڙن ۾ ڌرين ھڪٻئي مٿان فائرنگ سان گڏ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا. بنيادي سوال اھو آهي ته انھن ڌرين وٽ اھي جديد ھٿيار ڪٿان آيا.  انھن جھيڙن جي ڪري جتي بي گناهه انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آهن ته اتي سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ قبائلي جھيڙن سبب انھن جي تعليم پڻ متاثر ٿي چڪي آهي انهن جي زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. عام ماڻھو گھرن کان ٻاھر نڪرڻ کان لنوائين ٿا، انھن ڳوٺن ۾ ماڻهو غربت جھالت ۽ انتھائي خوف واري ڪيفيت ۾ رھن ٿا.

  ڏٺو وڃي ته  انهن برادري جھيڙن جي اصل جڙ وڏيرڪو نظام آهي. گذريل ويھه سالن  کان انهن جھيڙن جي تجزيي ۾اها ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي ته گهڻي ڀاڱي اهي سردار ۽ وڏيرا آهن، جيڪي قبائلي( برادري) تڪرارن ۽جھيڙن جي پٺڀرائي ڪن ٿا. اتر سنڌ ۾ اڪثر انهن جھيڙن جا فيصلا وري اھي ئي سردار ڪندا آهن جيڪي پنهنجي علائقي۾ اڇي ڪاري جا مالڪ آهن.جيڪڏهن معاملو ٺھيو ته  ٺيڪ نه ته وري خوني راند شروع ٿي ويندي آهي جنهن ۾ بي گناهه ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. گذريل ڏينهن مدئجي  ڀرسان جڏهن انھن نوجوانن جا لاش کنيا پئي ويا تڏهن سموري“ سنڌ ”جون اکيون سوڳوار بڻيل ھيون. هن وقت شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي، سکر، خيرپور، دادو ۽ ڪجهه ٻيا ضلعا قبائلي جهيڙن  ۾ آيل آهن. مختلف برادرين جي خوني جھيڙن جي نتيجي ۾ انھن ضلعن۾ هر سال 300 کان 500 تائين بيگناهه ماڻهو (مرد، عورتون ۽ ٻار) موت جو کاڄ بڻجي ويندا آهن.

هڪ سروي موجب سنڌ ۾ 10 سالن دوران لڳ ڀڳ 6 هزار کان مٿي بيگناهه ماڻهو انهن قبائلي جھيڙن برادري تڪرارن ۾ قتل ٿي چڪا آهن.ويجھڙ ماضي ۾ ڪنڌڪوٽ واقعي سميت لڳ ڀڳ پنج اھڙا خوني واقعا پيش آيا آهن جن ۾ انھن واقعن جو اصل سبب زميني تڪرار ڄاڻايو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾  معمولي ڳالھين تان به  خوني جھيڙا ٿيندا رھيا آهن پر خبر ناھي انهيَ وقت “قانون” ڪٿي ھوندو آهي .سنڌ ۾ قانون جي بالادستي نه هئڻ سبب انهن بيگناهه ماڻهن جي قتل جو انصاف پڻ نه ٿي سگھندو آهي. انھن ضلعن ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن جي خونن جا فيصلا  وري جرڳن ۾ ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ انهن جرڳن جي ڪابه قانوني حيثيت ناھي پر اتر سنڌ جا عام ماڻهو انهن سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن هٿان ايترا هيسايل آهن جو اهي سردارن جي هر ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، مختلف وقتن تي وڏيرن ۽ سردارن پاران جھيڙيندڙ ڌرين ۾ ٺاهه ڪرڻ لاءِ نياڻين جا سڱ بڻ خون بها ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ سردار وڏيرا ايئن به چوندا رهن ٿا ته جهيڙيندڙ ڌرين کي ٺاهڻ لاءِ نياڻين جو سڱ طور ڏنڊ چٽي ۾ ڏيڻ ڪا وڏي ڳالھه ڪانهي،جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نياڻين کي سڱ چٽي طور ڏيڻ هڪ اهڙو قانوني ڏوهه آهي، جنهن جي جيتري سزا ڏجي اوتري گھٽ آهي.

خبر ناھي ته مدئجي ۾ مارجي ويل انهن نوجوانن جي قتل جو انصاف ڪورٽن ۾ ٿيندو؟ يا وري انھن بي گناهه ماڻهن جي قتل جو فيصلو جرڳن ۾ ڪيوويندو؟ اھو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پرانهن قبائلي جھيڙن کي روڪڻ لاءِ اسان وٽ قانون آهي، پوليس آهي،عدالتون آهن ته پوءِ اهڙي قسم جا جرڳا رکرائڻ جو ڪهڙو مقصد؟ جڏهن اسان سمجھون ٿا ته جرڳن ۾ اهڙا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، جن سان انسان حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي ته پوءِ هتي جون عدالتون اهڙن جرڳن کي روڪڻ لاءِ قدم ڇو نٿيون کڻن؟

هتي اسان وٽ ٿيندڙ جرڳن ۾ ڪڏهن به ڪنهن متاثر ڌر کي انصاف پلئه ناهي پيو، ته پوءِ حڪومت سردارن کي اهڙا جرڳا ڪرڻ کان ڇو نٿي روڪي؟ جيڪڏهن حڪومتي اختيارين کي پنهنجي قانون تي ايترو ڀروسو ناهي ته پوءِ عام ماڻهن ته گناهه ناهي ڪيو. قانون ۽ عدالتن جي اختيارن هيٺ جيڪڏهن فيصلا ڪرڻ ۾ دير ٿئي ٿي ته اهو هتي جي نظام جون ڪمزوريون آهن. ھن وقت سنڌي سماج جو جائزو وٺبو ته  پتو پوندو ته سنڌ ۾ اسان جا شھر ڳوٺ پاڙا ڪٽنب ۽ پنچائتي نظام ٽوڙ ڦوڙ ۽ انتشار جي ور چڙھيل آهن انھي ڪري  سنڌ جي جن ضلعن ۾ قبائلي جهيڙا ٿين ٿا، انهن کي روڪڻ لاءِ عدالتون اڳتي اچن جيستائين سنڌ ۾ سرداري نظام يا وڏيرڪي نظام جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين انھن جھيڙن جو خاتمو پڻ ممڪن ناھي.ھن وڏيرڪي نظام ته  سنڌ جي ماڻهو کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.هتي وڌ ۾ وڌ ميڊيا تي ذميواري عائد ٿئي ٿي، خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ماڻهن ۾ شعوري سجاڳي آڻي قبائلي جھيڙن کي روڪيو وڃي. اتر سنڌ جي علائقن ۾ تعليم کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي حڪومت کي پنهنجي قانون  کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن سردار يا وڏيري خلاف ڪو قانون حرڪت ۾ اچي ٿو ته مقامي ايم اين ايز يا ايم پي ايز يا وزيرن کي انهن سردارن جي مدد يا پٺڀرائي ھرگز نه ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن اسان جو قانون مضبوط هوندو ۽ تعليم عام هوندي، نيڪ مرد پنهنجي فيصلن ۾ نيڪ نيتي رکندا ته پوءِ يقينن سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن کي روڪي سگھجي ٿو ۽ انھي جوخاتمو آڻي سگهجي  ٿو. ھي سنڌ امن جي ڌرتي آهي انھي ڪري ھتي جي شھرن ۽ ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻي زندگي جو شاندار رومانس ٻيھر موٽي اچي. مدئجي  واقعي ۾ جن ماڻهن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي انھن جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي.