اسرائيل کي مضبوط اتحادي طور تصور ڪيون ٿا: محمد بن سلمان

0
239
اسرائيل کي مضبوط

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته جيڪڏهن فلسطين مسئلو حل ٿي وڃي ته اسرائيل اسان جو  اتحادي ٿي سگهي ٿو

 امريڪي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ محمد بن سلمان چيو ته اسان اسرائيل کي دشمن جي حيثيت سان نه ٿا ڏسون پر ان کي هڪ مضبوط اتحادي جي طرح تصور ڪيون ٿا ڇو ته اسان گڏجي ڪري گڏيل مفاد حاصل ڪري سگهون ٿا پر ان کان اڳ فلسطين سان پنهنجو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي

 هن چيو ته شدت پسندن اسان جي مذهب کي هاءِ جيڪ ڪيو ۽ پنهنجي مفادن لاءِ تبديل ڪيو، ان لاءِ سني ۽ شيعا ٻنهي ۾ دهشتگرد گروپ ٺهيا آهن پر اسان اسلام جي اصل تعليم جي طرف وڃي رهيا آهيون