ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادي جي وڪيل ڪيس ۾ ٿيندڙ 5 جي آءِ ٽيز جي اهم شاهدن جي لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي، فريادي جي وڪيل چيو ته اهم شاهدن جي لسٽ سپريم ڪورٽ جي هدايت کانپوءِ جمع ڪرائي وئي آهي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت فيصلو ڪري ته ڪهڙا ڪهڙا اهم شاهد آهن؟ جن جو بيان رڪارڊ ٿيڻو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته سپليمنٽري چالان بابت به فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيو ويندو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضع رهي ته گذريل ٻڌڻي تي ايف آءِ اي ڪيس ۾ نئين جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ ڪيس جو سپليمنٽري چالان جمع ڪرايو هو .