ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن سڳن ڀائرن سميت ڪيترن ئي گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت داخل ڪيل درخواستن تي لاڳاپيل اختيارن کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر گم ٿيل شهري امين بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي، عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته هڪ مهيني ۾ هڪ صفحي جي رپورٽ ٺاهي کڻي آيا آهيو. ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻن سڳن ڀائرن جي گهرڀاتين جي وڪيل چيو ته سعود ۽ محمود 2017ع کان لاپتا آهن، 5 سالن اندر 8 جي آءِ ٽيز ٺهيون پر شهري بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جنهن بعد عدالت ٻنهي گم ٿيل ڀائرن بابت به پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.