ميرپورخاص (رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ھريش ڪمار ڪڙيلا ۽ سندس ٻيا ساٿي عدالت ۾ پيش، جتي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگھي ۽ ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي، ان ڏس ۾ 9 مھينا اڳ فاريڪس ٽريڊنگ غيرقانوني پرڏيھي ڪرنسي ۾ ملوث ھريش ڪمار ڪڙيلا، سندس مينيجر چيتن ڀيل سميت ٻين 9 جوابدارن تي ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران مني لانڊرنگ جي قلمن ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪيس ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ ھلندڙ آھي، جتي ٻڌڻي دوران سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪجهه مصروفيتن سبب ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.