جهڏو/ڪلوئي (نمائندن وٽان) جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي وهڪري پراڻ ڍورو چاڙهه سبب پاڻي مختلف هنڌن 316 بند، مير جو باغ، سخي تاج محمد درگاهه، حيات خاصخيلي ۽ ٻين هنڌن تان اوور ٽاپ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري علائقي واسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، هوڏانهن اڳ ئي ٻڏل شهر جي مختلف علائقن شيدي پاڙو، حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، کوسا پاڙي، غلام حسين ڪالوني سميت ٻين هنڌن تي بدستور 3 کان 6 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي، شهر جي سياسي سماجي ڌرين ۽ چونڊيل نمائندن علائقي مان پاڻي جي نيڪالي جو واحد حل زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن اياز کوسو، جليل انڙ، ساماڻو خاصخيلي ۽ ٻين علائقي مان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مين مٺي ميرپورخاص هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته زيرو پوائنٽ وٽان ايل بي او ڊي، پراڻ ڍورو، هاڪڙو ڍورو جو قدرتي لنگھه آهي جنھن کي اتان جي ڪجهه بااثرن قبضا ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي، بااثر پنهنجي فصل کي بچائڻ لاءِ اسان کي ٻوڙڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته پنجن ضلعن نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو واحد رستو زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ آهي.