مبارڪپور(ن پ ا) مبارڪپور جي سيد محلا جو رهواسي نينگر خان محمد منگي مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ پيارو مهر ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر گهمڻ ويل هو، جتي پکو ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن مبارڪپور مقامي اسپتال کڻي وڃي رهيا ها ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.