جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتو شهرين کي پيئڻ جي پاڻي فراهمي نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان دوران پبلڪ هيلٿ کاتي جا 35 ملازم غير حاضر رهڻ ۽ حاضري رجسٽرڊ به نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو، پبلڪ هيلٿ کاتي جو ايس ڊي او ۽ ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت جي سخت ڪاوڙ سبب پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايس ڊي او جي شگر لو ٿي وئي. عدالتي حڪم تي پبلڪ هيلٿ کاتي جا 106 ملازم پڻ حاضر ٿيا، عدالت پاران لسٽ ڏسي هڪ هڪ ملازم کان نالو پڇا ڪئي ته 35 ملازم غير حاضر رهيا، عدالت ان دوران پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن کان حاضري جو پڇيو، جنهن دوران ملازمن چيو ته اسان حاضري ناهيون ڀريندا. ان بعد عدالت پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايس ڊي او کان ملازمن جي حاضري رجسٽرڊ طلب ڪيو، جنهن تي عدالت کي پبلڪ هيلٿ کاتي اعتراف ڪندي چيو ته اسان وٽ حاضري رجسٽرڊ/رڪارڊ موجود ناهي. ان دوران عدالت ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد عدالت ايس ڊي او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد ايس ڊي او عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو شگر لو(گهٽ) ٿي ويو آهي، چڪر ٿا اچن.عدالت جي سخت پڇاڻي دوران ميونسپل ڪاميٽي جو سي ايم او ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جو ايس ڊي او هڪٻئي کي قصور وار ڏيندا رهيا.ان بعد پبلڪ هيلٿ ايس ڊي او ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او کي حڪم ڏنو ته غيرقانوني ڪمرشل ڪنيڪشن ڪٽي سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان بعد عدالت پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او کي کي 5 جولاءِ تائين شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي مهلت ڏني.