پاڻي کوٽ ۽ زراعت جو نقصان

0
423
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي پر سنڌ جي بئراجن ۾ ته اها صورتحال بدتر ٿي رهي آهي جنهن ڪري لڳي ٿو هن ڀيري خريف جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو نه رڳو زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پر سڄو صوبو متاثر ٿي سگهي ٿو .پاڻي جي اها کوٽ ٿوري قدرتي باقي گهڻي قدر غير منصفاڻي ورڇ ۽ چوري جي ڪري آهي جيڪا گهڻو ڪري پڇڙي وارن کي ئي متاثر ڪري رهي آهي.منڍ کان جيڪو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو اهو رستي تي گم ٿي ٿو وڃي ،جنهن کي گهڻو ڪري لاسز جو نالو ڏنو ويندو آهي پر جڏهن انهي گم ٿيل پاڻي جو سيڪڙو ڪڍجي ٿو ته اهو لاسز واري سيڪڙي کان وڌيڪ گم ٿيل هوندو آهي جنهن جو ٻيو مطلب اهو آهي ته اهو پاڻي وچان وچان چوري ٿي رهيو آهي پوءِ اهو هڪ صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي چوري ڪري يا هڪ بئراج تان ٻئي بئراج تائين پاڻي جي چوري هجي پر ڀوڳيندو اهو ئي آهي جيڪو پڇڙي ۾ هوندو آهي .سنڌ به پڇڙي جو صوبو آهي تنهن ڪري انهي پاڻي کوٽ ،چوري توڙي لاسز جو نقصان انهي سنڌ کي ئي ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جيڪڏهن ايندڙ ڏهي ۾ برساتون نه پيون ته اها کوٽ اڃان به وڌي ويندي جنهن ڪري نوان فصل پوکڻ ته پري جيڪي فصل پوکيل آهن انهن کي به پاڻي ملڻ ناممڪن ٿي ويندو .سنڌ ۾ ربيع جي فصلن کي پيٽ ڀريو چيو ويندو آهي جڏهن ته خريف جا فصل ڪمائي يا ڪيش ڪراپ سڏيا ويندا آهن جنهن ۾ ساريون ،ڪمند،وونئڻ ۽ سبزيون شامل آهن.جيڪي پاڻي جي کوٽ سبب اڌواڌ نه پوکجي سگهندا.هن وقت سڄي ملڪ سميت سنڌ به ڪورونا جي ٽين لهر هيٺ آيل آهي جنهن ڪري ڪٿي مڪمل ته ڪٿي سمارٽ لاڪڊائون آهي تعليمي ادارا بند آهن ،فيڪٽرين، صنعتن ۾ حاضري 50 سيڪڙو تائين آهي جڏهن ته ڪاروبار جو وقت به مقرر ٿيل آهي جنهن ڪري واپار متاثر ٿي رهيو آهي ته بيروزگاري به وڌي رهي آهي جنهن سان صوبي جي معيشت کي به ڌڪ رسي رهيو آهي. اهڙي ڏکي وقت ۾ زراعت ئي اهڙو شعبو آهي جنهن سان معيشت کي بهتر ڪري سگهجي ٿو يا انهي تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏئي جيڪو ڪاروبار ۽ روزگار ۾ نقصان ٿي رهيو هو ان جو ڪجهه پورائو زراعت ذريعي ڪري سگهجي پيو پر پاڻي جي کوٽ ۽ چوري سبب زراعت پاڻ ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي، اضافي اپت ته ٺهيو پر جيڪا معمول موجب اپت يا فصل ٿيندا آهن اهو حدف به حاصل ڪرڻ ناممڪن لڳي رهيو آهي. ارسا سنڌ ۾ پاڻي جي انهي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي احتجاج کانپوءِ مس وڃي منگلا مان 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي اجازت ڏني آهي جڏهن ته پنجند وٽان پاڻي بند آهي پر پنجاب وري منگلا مان سنڌ لاءِ پاڻي ڇڏڻ تي اعتراض واريو آهي جيڪڏهن ارسا پنجاب جي مخالفت سبب اهو پاڻي ڇڏڻ بند ڪري ڇڏيو ته پاڻي جي کوٽ اڃان وڌي ويندي جنهن سان سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ۽ زراعت ۽ زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو سخت مالي بحران جو شڪار ٿيندا. جڏهن ته پنجاب هن صورتحال ۾ به رڳو 8 سيڪڙو کوٽ ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته خطرو آهي ته سنڌ ۾ اها کوٽ ڪٿي 50 سيڪڙو تائين نه پهچي وڃي. .
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي انهي صورتحال کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي نه رڳو ارسا پر پنجاب حڪومت سان به انهي معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي ته جيتري کوٽ آهي ان کي صوبن ۾ برابر ورهايو وڃي ۽ سڄو بار سنڌ تي نه رکيو وڃي انهي کانسواءِ ورهاست کان پوءِ جيڪا صوبي کان صوبي تائين پهچڻ دوران جيڪا پاڻي جي چوري ٿي رهي آهي اها روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ حڪومت کي اهو به يقيني بڻائڻ گهرجي ته سنڌ جي بئراجن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي جي ورڇ منصفاڻي بڻائي وڃي جيئن سنڌ جي زراعت ۽ هيٺيان آبادگار ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهن.