فلسطين ۽ اسرائيل جنگ ۾ ڪنهن کٽيو؟

0
655

مصر ۽ عالمي طاقتن جي ڪوشش سان خميس تي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ عارضي فائربندي بعد بارود جي بوءَ اڃان ختم ئي نه ٿي هئي ته مسجد اقصي ۾ هزارين جمعي نمازين تي اسرائيلي فوجين رٻڙ جي گولين ۽ گرنيڊن سان حملو ڪري ڏنو ۽ اتي بيٺل عالمي صحافين جن پريس جا ڪارڊ ڏيکاريا تن کي “ڪوڙو” چئي مٿن بندوق جا ڪنداق هڻي ڪڍيا. ان حملي ۾ ويهن زخمين مان ٻن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. فائربندي جي فيصلي جو اعلان اسرائيلي ڪابينا جي منظوري بعد آميريڪي صدر ڪندي مصر جي صدر جا ٿورا مڃيا. چين روس ۽ يورپين يونين جي حمايت هوندي اقوام متحده سيڪيورٽي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي هئي جو آميريڪا ٺهراءَ کي ويٽو ڪري ڇڏيو هو. پر اربع تي جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم سان فون تي ڳالهائيندي چيو هو ته کيس اميد آهي ته هو فوجي ڇڪتاڻ ۾ اهميت جوڳي گهٽتائي ڪندو جنهن بعد ٻئي ڏينهن اسرائيل فائربندي تي راضپو ظاهر ڪيو. ان سان جوبائيڊن جو پنهنجي قريب ترين اتحادي سان رويي ۽ مٿانئس اثر جو اندازو ٿئي ٿو. ان کان پهريائين بينجامين نيتن ياهو ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته مقصد جي حاصلات تائين سندس آپريشن جاري رهندو ۽ فائربندي مهل هن اعلان ڪيو ته سندس مقصد حاصل ٿي چڪو آهي پر هن اهو نه ٻڌايو ته اهو ڪهڙو مقصد هو جنهن۾ سوين بيگناھ شهري مرڻ سان گڏوگڏ 50 هزار فلسطيني بي گهر به ٿي ويا.جرمن، زيڪ ۽ سلواڪيا جا وزيرخارجه اسرائيل سان يڪجهتي لاءِ اسرائيل پهچي ويا هئا هنن رام الله ۾ فسطيني صدر محمود عباس سان به ملاقات ڪئي. فلسطيني صدر عرب ليگ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته بيت المقدس فلسطيني قومي سڃاڻپ جو روح آهي ۽ اسرائيل منظم رياستي دهشتگردي ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ انهن ڏوهن ڪندڙن خلاف هو عالمي عدالتن ۾ عالمي قانون هيٺ ڪيس وڙهڻ ۾ دير نه ڪندا. پاڪستان ترڪي جا وزير خارجه به فلسطيني صدر سان يڪجهتي طور نيويارڪ پهتا هئا.
مسجد اقصي ۾ 27 رمضان جي ڀلاريءَ رات 10 مئي جو ڏينهن هو جيڪو 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ اسرائيلي جيت جي سالگرھه جو ڏينهن به هو تنهن ڏينهن اسرائيل پاران “باب دمشق” بند ڪرڻ سبب نمازين جي مظاهرن بعد حماس ۽ اسرائيل پاران ٻن هفتن کان جاري راڪيٽن ۽ ميزائيلن جي برساتي ويڙھه ۾ 50 اسڪولن، 18 ڪلينڪ ۽ اسپتالن سوڌو 17 هزار گهر، ڪمرشل ٽاور ۽ عمارتون تباھه ٿيون هيون ۽ 243 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 66 ٻار به شامل هئا جيڪي اسرائيلي راڪيٽن سبب پنهنجن گهرن ۾ مارجي ويا.ا
ن کان سواءِ ٻن ٻارن سميت 12 اسرائيلي، 2 ٿائي فيڪٽري مزدور۽ 1 انڊين به مارجي ويلن ۾ شامل هئا. فلسطيني وزارت اطلاعات موجب اسرائيل هڪ هفتي دوران 1,800 هوائي حملا ڪيا جنهن ڪري 32 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جون ملڪيتون تباھه ٿيون آهن. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته حماس 4 هزار راڪيٽ اڇلايا جن مان 550 سندن ئي علائقن ۾ڪريا ۽ باقي 90 سيڪڙو راڪيٽ سندن ڊوم جهازن فضا ۾ ئي ڪيرائي ڇڏيا. اهڙي طرح 1987ع کان هيل تائين گذريل 34 سالن ۾ جي وچ ۾ ٻن انتفادا ۽ چئن غزه پٽي تي لڙائين سميت مختلف جنگاڙن ۾ 14,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن. ناروي جي پناهگير ڪائونسل NRC اسرائيل ۽ حماس ٻنهي کي انهن قتلن جو ذميدار ڪوٺيو آهي.
جي اسرائيل ۾ هن سال مارچ ۾ ٿيل چونڊن تي نظر وجهبي ته تازي 11 ڏينهن جي ڇڪتاڻ کي آساني سان سمجهي سگهبو جنهن۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي لقئڊ پارٽيءَ کي 120 مان فقط 30 سيٽون مليون آهن جيڪي گذريل چونڊن ۾ کنيل سيٽن کان 6 سيٽونَِ گهٽ آهن. حڪومت ٺاهڻ لاءِ 61 ووٽ گهربل آهن. انهن چونڊن ۾ 67 سيڪڙو ووٽرن حصو ورتو. اسرائيلي پارليامينٽ جنهن کي نيسيٽ چون ٿا تنهنجون چونڊون هر چئن سالن بعد اسرائيلي ڪئلينڊر جي مهيني چيسوان جي پهرين اڱاري تي ٿينديون آهن پر هن دفعي ڇهن سالن ۾ چار چونڊون ٿيون آهن ۽ نيتن ياهو کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مليل 28 ڏينهن جي مهلت 5 مئي تي ئي ختم ٿي چڪي هئي. جنهن کان پوءِ اسرائيلي صدر ٻئي مخالف اڳواڻ 57 سالن جي لئيپڊ کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي جيڪو اڳي ٽي وي جو اينڪر هو ۽ خزاني جو وزير به رهي چڪو آهي جنهن پارليامينٽ ۾ 56ميمبرن جي حمايت ثابت ڪئي آهي ۽ کيس حڪومت ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ 5 ووٽن جي ضرورت آهي. لئيپڊ جيتوڻيڪ جهڳڙالو آهي پر هو ٻن رياستن ۽ ڳالهين وسيلي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿو. تازيون چونڊون جيڪي حسب دستور متناسب نمائندگي تحت ٿيون آهن تنهن ۾ دلچسپ ڳالھه اها آهي ته پهريون دفعو عرب گروپ 6 سيٽون حاصل ڪيون آهن جنهن جو اڳواڻ منصور عباس آهي ۽ تازي سروي ۾ 55 سيڪڙو اسرائيلين چيو آهي ته عرب ووٽن جي حمايت ورتي وڃي. اسرائيل جي پنجون حصو آبادي عربن تي مشتمل آهن ۽ ڪن عرب گروپن جو خيال آهي ته ٻه رياستون مسئلي جو حل نه پر خود هڪ مسئلو آهي. انهن ڇهن عرب سيٽن جي وڏي اهميت آهي جن لئيپڊ کي ان شرط سان حمايت جو اشارو ڏنو آهي ته هو سندن علائقن لاءِ بجيٽ وڌائيندو ۽ گهرو پاليسيون مٽائيندو. هنن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته سندن علائقن ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي ۽ فلسطيني رياست کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنووڃي. ايئن 71 سالن جي نيتن ياهو جنهن کي بيبي چون ٿا تنهن جي 15 سالن جي حڪومت جو خاتمو اچي ويندو جنهن مٿان ڪرپشن، فراڊ ۽ اعتماد کي ٽوڙڻ جا مقدما هلي رهيا آهن ۽ هو وزيراعظم به آهي ڇوته اسرائيل جو قانون تيستائين ڪنهن وزيراعظم کي هٽائڻ جي خلاف آهي جيستائين کيس سزا نٿي اچي. نيتن ياهو پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سڌين چونڊن واسطي آئين ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي هئي جنهن لاءِ هن پنهنجي خاص ماڻهو کي قانون جو وزير به مقرر ڪيو هو پر اٽارني جنرل ان قدم کي غيرقانوني قرار ڏئي ٿڏي ڇڏيو.
ٻئي پاسي فلسطيني صدر محمود عباس جيڪو ياسرعرفات جي الفتح پارٽي جو اڳواڻ آهي ۽ جنهن جو الهندي ڪناري حڪومت تي ڪنٽرول آهي فلسطين اٿارٽي جون جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊون 15 سالن ۾ پهريون دفعو اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيون هيون ڇوته پهريائين ته هن نئين آميريڪي صدر جو بائيڊن کي خوش ڪرڻ ۽ سندس حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊن جو اعلان ڪيو هو انڪري جو ٽرمپ جي چئن سالن ۾ سندن تعلقات خراب رهيا پر گهڻي پذيرائي نه ملڻ ۽ 30 فلسطيني پارٽين جي ميدان تي اڀرڻ ۽ چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي اعلان سبب ووٽ ورهائجڻ ۽ حماس کي وڌيڪ سيٽون ملڻ جي خدشي سبب هن اهي ملتوي ڪرڻ ضروري سمجهيون ۽ آميريڪي ۽ اسرائيلين به اهو پئي چاهيو. حماس جي غزا ۾ 2007ع کان حڪومت قائم آهي پر فلسطيني ٻنهي پارٽين کان ناخوش آهن ۽ مٿن الزام آهي ته هو سندن علائقن تان قبضو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ان ڪري حماس سندن ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ توڙي سندن همدردين کي حاصل ڪرڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاءِ ميزايل ڇڏيا . ايئن ٻنهي طرف جي عوام جي پنهنجن اڳواڻن بابت سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي جنهن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ ماڻهو مارايا پيا وڃن جيئن عوام واپس بند گهٽي ۾ بند ٿي، بند سوچ جو غلام ئي رهجي وڃي. جيڪو تازي جنگاڻ جو بنياد آهي. جنهن۾ نيتن ياهو خلاف تاريخ ۾ پهريون دفعو عرب پارٽين جي ووٽن سان مخالف پارٽي وارا حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. ايئن هارايل نيتن ياهو جنگ سبب ڪجھه وڃايل سياسي پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ شايد اهو ئي سندس مقصد هو ڇوته هو سياسي ۽ قانوني ئي جنگيون هارائي رهيو هو.اهو ئي حال حماس جو آهي جنهن جي اڳواڻ اسماعيل هانيا جنگبندي بعد پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو آهي ۽ ايران جا ٿورا مڃيا آهن جنهن سندن مالي ۽ فوجي مدد ڪئي. فلسطين جي مسئلي جي پائيدار حل بابت ماڻهو تڏهن غور ۽ فڪر ڪري سگهندا جڏهن ٺاپر هوندي. اسرائيل جي ساڄي ڌر جي اسٽيبلشمينٽ بيپناھه طاقتور آهي ۽ هو آميريڪي مدد سان امن امان قائم ٿيڻ نٿي ڏئي. ايئن فلسطيني ڇڙوڇڙ ۽ گروپن ۾ ورهايل آهن. صدر جو بائيڊن خاموش آهي ڇوته هو وبا، معيشت ۽ ايران نيوڪليئر ۾ مشغول آهي. جيتوڻيڪ اچڻ سان هن فلسطين اٿارٽي جي ٽرمپ پاران بند ڪيل 25 ڪروڙ امداد بحال ڪئي پر بيت المقدس کي غيرمتنازعه ڪرڻ بجاءِ اتي فلسطين اٿارٽي لاءِ الڳ آميريڪي سفارتخاني کولڻ جو اعلان به ڪيو جنهن تي عمل ٿيڻو آهي. جوبائيڊن ان خيال جو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي موجوده قيادت هوندي ڪو متفق حل ممڪن ناهي. سندس چوڻ آهي ته فلسطيني ۽ اسرائيلين ٻنهي کي محفوظ زندگي گذارڻ ۽ آزادي خوشحالي ۽ جمهوريت جا مزا ماڻڻ جو حق آهي.
يارهن ڏينهن جي تازي ويڙهه ۾ سياسي ۽ سفارتي طور اسرائيل کي شڪست ملي آهي. ان ۾ ٻين جزن سان گڏوگڏ وبا سبب اسرائيلي عوام جي معاشي مسئلن ۾ واڌ ۽ جنگ مان بيزاري، سوشل ميڊيا جي وڌندڙ اثر سبب مک عالمي ميڊيا جو متاثر ٿيڻ شامل آهي. ساڻس تازو عرب امارات، بحرين ۽ سوڊان سفارتي تعلقات قائم ڪيا ۽ امڪان هو ته سعودي عرب سوڌو ٻيا عرب ۽ مسلم ملڪ به انجي پوئواري ڪندا پر ان بدران مظاهرا شروع ٿي ويا جنهن سان ايران جي سفارتي تنهائي ختم ٿي آهي ۽ انڪري ئي ايراني پٺڀرائي سان هلندڙ حماس ايران جي سياسي مالي ۽ فوجي امداد جا نه فقط ٿورا مڃيا آهن پر اهو به اعلان ڪيو آهي ته سندن فتح ٿي آهي ۽ هو جنگ کٽي ويا آهن.