قبوسعيدخان (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي گنداواه سولنگي محلا ۾ پيءُ صفر آرائين 10 هزار رپيا نه ڏيڻ تان پنهنجي ننڊ ستل نوجوان پٽ عبدالرزاق آرائين کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش گند واه سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٿڏي تي ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار صفر آرائين کي ٻن پٽن جو اولاد هو، جنهن مان هن هڪ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ پاڪ آرمي ۾ آهي. پوليس موجب جوابدار پٽ کان 10 هزار رپيا گهريا جيڪي نه ڏيڻ تي نوجوان پٽ کي قتل ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.