سکر/ خيرپور/ فيض گنج/ ڪرونڊي (نمائندن وٽان) سکر ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جي ڪارڪنن ايم اين اي صوبيا سومرو، ڊويزن صدر اڳوڻو ايم پي اي حاجي انور مھر، سٽي صدر مشتاق سرھيو، ڊاڪٽر آفتاب سومرو، ڪميل حيدر شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ صرف پنھنجي حصي جو پاڻي گھري رھي آھي، وفاق ھميشا سنڌ سان پاڻيءَ معامري تي ناانصافي ڪئي آھي، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب زراعت کي تمام گھڻو ڪاپاري نقصان پھتو آھي، پاڻيءَ کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، پاڻيءَ ٺاھ تي عمل نه ڪرڻ وفاق جي بدنيتي جو ثبوت آھي، ارسا واريون دعوائون کوکليون آھن، سنڌ جي بئراجن وٽ پاڻي کوٽ برقرار آھي، پ پ جي مظاھري ۾ عورتن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي. پ پ جو احتجاج بدنظميءَ جو شڪار رھيو، جڏھن تہ سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز کي سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو، اڪثريت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نه ماسڪ پھريل ھيو ۽ نه ئي سماجي وٿي واري ھدايت تي عمل ڪيو ويو.هوڏانهن خيرپور ۾ پيپلزپارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن پيپلز هاري ڪميٽي، پيپلز يوٿ ونگ ۽ سپاف جي ڪارڪنن غلام شبير شر، مير پنهل خان لهر، عتيق الرحمان ڦلپوٽو، غلام حسين مغل، امتياز لاشاري، زاهد ڳنڀير، پرويز علي شاه، ريوومل، عرس ابڙو، زينب شر، ثمر دستي، عبدالغني سولنگي جي اڳواڻي ۾ جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيوويو. ٻئي طرف پيپلزپارٽي پاران راڄپر هائوس ڪرونڊي کان 7ڪلوميٽر ريلي ڪڍي پڪاچانگ چوڪ تي پهچي شجاع الرحمن راڄپر، الهجوايو شر، ليڊيز ونگ اڳواڻ وڪيل زينب شر، ثمينا کنڊ، زاهد جويو، رياض چانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو