پاڪستان کي بيلينس آف پيمنٽس لاءِ ادائيگين جي ضرورت آهي: آءِ ايم ايف ترجمان

0
233

آءِ ايم ايف ترجمان چيو آهي ته پاڪستان کي بيلينس آف  پيمنٽس لاءِ ادائيگين جي ضرورت  آهي،  آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي  کان اڳ دوست ملڪن کان فنڊنگ جو يقين ڏيارڻ جي ضرورت پوندي

آءِ ايم ايف ترجمان جوليئس ڪوزيڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دوست ملڪن کان پاڪستان جي فنڊنگ جو آڌرڀاءُ ڪنداسين،  نائين جائزي جي ڪاميابيءَ لاءِ  پاڪستان کي اضافي فنڊنگ جي ضرورت آهي

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان عملدارن سان قرض پروگرام جي بحاليءَ لاءِ لاڳيتو ڪوششن ۾ مصروف آهيون،  پاڪستان پرڏيهي ادائيگين ۾  سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو  آهي

پاڪستان جي معيشت کي  سيلاب جي ڪري سنگين نقصان  پهتو آهي، پاڪستاني معيشت سبسڊيز ۽ ٽئڪس ۾ وڌيڪ چوٽ برداشت نٿي ڪري سگھي