لنڊن(م ڊ) انگلينڊ جو ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري بابت قطعي فيصلو اڄ ڪندو. مليل اطلاعن موجب انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جو اجلاس اڄ لنڊن ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڌمڪيون ملڻ ۽ ان جو دورو اڌ ۾ ختم ڪري ملڪ واپس موٽي وڃڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته اهو فيصلو به ڪيو ويندو ته ايندڙ مهيني انگلينڊ جي مردن ۽ عورتن جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي يا نه ڪندي. ٻئي طرف ڪرڪيٽ آسٽريليا کي به پاڪستان جي دوري بابت جلد فيصلو ڪرڻو آهي.