ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي سنڌ ۾ وري برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي سخت گرميءَ کانپوءِ موسم تبديل ٿي آهي موسميات کاتي موجب 20 سيپٽمبر جي شام يا رات هوائون ملڪ جي مٿين علائقن ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي هوائون 25 سيپٽمبر تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو سبب بڻجنديون. موسميات کاتي موجب 23 کان 24 سيپٽمبر دوران ڪشمير، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. 23 کان 25 سيپٽمبر تائين ڏکڻ پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ صوبي ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، دادو، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه جاين تي تيز برسات جو به امڪان آهي.