پاڪستان جو هاڻوڪو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي: عالمي بينڪ

0
120
پاڪستان جو هاڻوڪو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي: عالمي بينڪ
پاڪستان جو هاڻوڪو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي: عالمي بينڪ

عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بِنهسائن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جو هاڻوڪو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي، معاشي ترقيءَ جا فائدا رڳو مٿئين طبقي تائين محدود آهن

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ساٿي ملڪن جي معاشي ماڊلز کان پٺتي رهجي ويو آهي، عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان بابت پنهنجي پاليسي ويئن آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته ملڪ ٻيهر غربت ۾ واڌ شروع ٿي وئي آهي

عالمي بينڪ موجب ملڪي ترقيءَ جا فائدا رڳو مخصوص طبقي تائين پهچي رهيا آهن، ملڪ جي ناڪام معاشي پاليسين کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان گهڻو متاثر ٿيو آهي

هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي جهٽڪن جا امڪاني تباهه ڪندڙ اثر اڳ ئي ظاهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان کي زرعي خوراڪ ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاليسين جي ناڪامي ۽ بگاڙ کي ختم ڪرڻ گهرجي