شاهه محمود قريشي کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻيو ويو

0
88

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ گرفتار شاهه محمود قريشي کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو

 ڊيوٽي ماجسٽريٽ جهانگير علي جي عدالت شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

راولپنڊي پوليس شاهه محمود قريشي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي

شاهه محمود قريشي عدالت کي هٿڪڙيون لڳل هٿ مٿي ڪري ڏيکاريا، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حلف کڻي چوان ٿو ته 9 مئي تي مان راولپنڊي ۾ نه پر ڪراچي ۾ هيس، پيمرا کان ريڪارڊ گهرائي ڏسو

هن چيو ته منهنجي گهر واري آغا خان اسپتال ۾ هئي ۽ مان هن سان گڏ هيس، هڪ طاقتور ترين شخص به چيو ته توهان جو 9 مئي واقعن ۾ ڪو ڪردار ناهي، چيمبر ۾ توهان کي ان شخص جو نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان

هي به پڙهندا

ايس ايڇ او مون کي مڪون ۽ لتون هنيون: شاهه محمود قريشي