عام چونڊون: ڪنهن جو فارم منظور ٿيو، ڪنهن جو رد ٿيو، فارمن جي ڇنڊڇاڻ جاري

0
76

اليڪشن 2024 لاءِ اميدوارن جي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري، سکر جي صوبائي تڪ پي ايس 25 تي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا

عورتن جي مخصوص سيٽ تي نامزد نون ليگ جي اميدوار مختيار ناز ڌاريجو عرف وڏيري نازو جا اليڪشن ڪميشن پاران نامزدگي فارم منظور، ڪنڌڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 191 تي اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا

 ساڳئي تڪ تي اڳوڻي ايم اين اي نصر الله خان بجاراڻي جي پٽ ۽ جي يو آءِ اڳواڻ شاهزين بجاراڻي جا نامزدگي فارم منظور، ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 تي پيپلزپارٽي جي ناراض اڳواڻ رسول بخش جاکرو جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا

 ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ پي ايس 76 تي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ سعيد جا نامزدگي فارم منظور، مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 57 تي نوازليگ جي صالح جکريجو، آبادگار اڳواڻ نويد سمون ۽ سعيد جگدال جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا

 مٽياري جي قومي تڪ اين اي 216 تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مخدوم احمد زمان، علي مرتضيٰ شاهه، علي حڪيم ۽ نازش ڀٽي جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا