ڪنڌڪوٽ جي هڪ قومي ۽ 3 صوبائي تڪن تي 15 فارم بحال، 3 ڄڻن خلاف اعتراض داخل

0
70
ڪنڌڪوٽ جي هڪ قومي ۽ 3 صوبائي تڪن تي 15 فارم بحال، 3 ڄڻن خلاف اعتراض داخل
ڪنڌڪوٽ جي هڪ قومي ۽ 3 صوبائي تڪن تي 15 فارم بحال، 3 ڄڻن خلاف اعتراض داخل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عمران علي کوسو) اين اي 191 ڪشمور ڪنڌڪوٽ تي 9 فارمن جي اسڪروٽني ٿي، جي يو آءِ جي شاهزين بجاراڻي، مولانا راشد محمود سومرو، غزين بجاراڻي، محمد اڪرم بنگوار، تحريڪ لبيڪ جي نور محمد، جماعت اسلامي جي حافظ نصرالله چنا، پ پ اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار نويد گولو جا فارم منظور ڪيا ويا

پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ لاءِ 6 اميدوارن  جن ۾مولانا راشد محمود سومرو، حافظ ربنواز چاچڙ، نويد گولو، عبدالعزيز سميجو، شفقت حسين سندراڻي ۽ احمد رضا سندراڻي جا فارم بحال ٿي ويا. پي ايس 6 تنگواڻي تي 3 اميدوارن جي يو آءِ جي عبدالقيوم هاليجوي، ڪفايت الله کوسو ۽ تحريڪ لبيڪ جي ارشاد جکراڻي جي فارمن تي پ پ جي اميدوار زرياب بجاراڻي اعتراض واريا، ٽنهي اميدوارن جي ٻيهر اسڪروٽني 28 تاريخ تي رکي وئي آهي. پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ تي جي يو آءِ اميدوار مولانا راشد محمود سومرو ۽ حافظ ربنواز چاچڙ جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا

پ پ اميدوارن جي يو آءِ اميدوار جي فارمن تي اعتراض واريا ۽ آر او آفيس ۾ جي يو آءِ اميدوارن جي اسڪروٽني 3 ڪلاڪن تائين جاري رهي.آر او آفيس ۾ 3 ڪلاڪن جي اسڪروٽني بعد جي يو آءِ جي ٻنهي اميدوارن جو فارم منظور ڪيو ويو. پي ايس 6 تنگواڻي تڪ تي جي يو آءِ جي ٻن اميدوارن تي پ پ اميدوارن اعتراض واريا

پي ايس 6 تنگواڻي تي جي يو آءِ جي ٻن اميدوارن عبدالقيوم هاليجوي ۽ ڪفايت الله کوسو جي فارمن تي پ پ اميدوار زرياب بجاراڻي ملڪيتون ظاهر نه ڪرڻ جا اعتراض داخل ڪرايا.ان موقعي تي حافظ ڪفايت الله جو چوڻ هو ته پ پ اميدوار اسان مٿان آر او آفيس ۾ غلط بياني ڪئي اسان جي ڪابه ملڪيت اهڙي ناهي جو اسان ظاهر نه ڪئي. آر او آفيس ۾ پ پ جي مشينري آهي قانوني رستو اختيار ڪنداسين

پي ايس 6 تنگواڻي تڪ جي اميدوار عبدالقيوم هاليجوي پاران آر او آفيس جي عملي خلاف تحفظات جو اظهار ڪيو .راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته ڪچي جا 13 پولنگ اسٽيشن پڪي تي منتقل ٿيا ته اهو جعلي مينڊينٽ کڻندڙ پ پ پي ايس 5 تڪ جو اميدوار 9سئو ووٽ کڻي وڃي ته منهنجو نالو راشد نه هوندو.