پاڪستاني دوري تي آيل آسٽريلوي رانديگر کي ڀارت مان ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

0
214
پاڪستاني دوري تي آيل

اسلام آباد: پاڪستان جو دورو ڪندڙ آسٽريلوي ٽيم ۾ شامل رانديگر جي خاندان کي ڀارت مان سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون مليون آهن

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبر جي خاندان کي انسٽاگرام تي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

ذريعن موجب آسٽريلوي رانديگر کي پاڪستان ۾ کيڏڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌمڪين ۾ ڀارتي رياست گجرات جو رهواسي مرادل تيواڙي شامل آهي، مرادل تيواري گجرات ۾ آءِ ايم سي لميٽيڊ ۾ ماحولياتي، صحت ۽ حفاظت جو آفيسر آهي، جنهن جو اي ميل پتو [email protected] آهي. ۽ موبائيل فون نمبر آهي 00917060185885.

ياد رهي ته ڀارت پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪڻ لاءِ اڳ به اهو طريقو استعمال ڪري چڪو آهي.ويسٽ انڊيز جي رانديگرن کي به پاڪستان جي دوري کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ان کان علاوه نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي خاندان کي پاڪستان جي دوريدوران به اهڙي ئي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي نيوزيلينڊ ميچ کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو. آسٽريليا مڪمل سيڪيورٽي چيڪنگ کانپوءِ پاڪستان کي محفوظ ملڪ قرار ڏنو ۽ 24 سالن کانپوءِ پنهنجي مڪمل ٽيم کي پاڪستان ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏڻ لاءِ موڪليو