پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب

0
207
وزيراعظم ٻئي ڪنهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي ۽ حڪومت وچ ۾ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آھن،  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت ۽ ڪالعدم تنظيم جي وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿي ويون آھن، ميڊيا کي تفصيلن بابت آگاهي ڏني ويندي

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ  سمورا بند پيل رستا کوليا ويندا، طئه ٿيو آهي ته اڱاري جي شام تائين ڪارڪن ساڳي ئي جڳهه تي پرامن احتجاج ڪندا، گرفتارين ۽ ٻين ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق ٿيو آهي

 ٻئي پاسي  مذھبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري جو چوڻ آھي تھ پوليس ۽ مظاھرين جي وچ ۾ ڪنھن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نھ ٿيندو، معاملن کي مفاھمت ذريعي حل ڪيو ويندو،ٻئي پاسي حڪومت سان ڳالھين بعد لاھور کان اسلام آباد طرف وڌندڙ ڪالعدم تنظيم جا ڪارڪن مريدڪي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا

ھي به پڙھندا

اسلام آباد کي مظاهرين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ وفاقي سرڪار جا هنگامي قدم