اسلام آباد کي مظاهرين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ وفاقي سرڪار جا هنگامي قدم

0
185
وفاقي سرڪار جا هنگامي قدم
اسلام آباد کي مظاهرين کان محفوظ بڻائڻ لاءِ وفاقي سرڪار جا هنگامي قدم

وفاقي سرڪار بندش پيل تنظيم جي احتجاجي مارچ واري صورتحال ۾ اسلام آباد شهر کي مظاهرين کان هر صورت ۾ محفوظ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وفاقي سرڪار پاران ڪيترائي هنگامي نوعيت جا قدم کنيا ويا آهن

ذريعن موجب بندش پيل تنظيم جي مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ٻين صوبن مان پوليس جا وڌيڪ 30 هزار اٽالا طلب ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ گهرو وزارت پاران پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪريٽريز ڏانهن خط لکيا ويا آهن، خطن ۾ 30 هزار اهلڪارن سان گڏ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندڙ سامان به اماڻڻ لاءِ چيو ويو آهي

بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي جو احتجاجي مارچ لاهور مان نڪري چڪو آهي ۽ مريد ڪي وٽان منزل ڏانهن روان دوان آهي، انتظاميا پاران جي ٽي روڊ کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو آهي. احتجاجي مارچ کي روڪڻ لاءِ چناب درياهه وٽان جي ٽي روڊ کي 12 فوٽن تائين وڏو ڪٽ هڻي هڪ کڏ تيار ڪئي وئي آهي

بندش پيل تنظيم جي احتجاج بابت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ هڪ هنگامي اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي بندش پيل تنظيم جي جلوس ۽ مظاهرين جي قيادت سان شروع ڪيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بندش پيل تنظيم جي سينيئر قيادت مان چئن ماڻهن سان رابطا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي هدايت تحت صورتحال تي ضابطي لاءِ بندش پيل تنظيم جي قيادت سان ڳالهين وارو عمل جاري رکيو ويندو

بندش پيل تنظيم جي احتجاج سبب پنجاب حڪومت مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي سروس معطل ڪري ڇڏي آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته جن علائقن مان احتجاجي مارچ گذرندو اتي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي ويندي