ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون دبئي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون

0
234
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون دبئي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون

ڪراچي:اڄ ٿيندو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو دنگل، سڀني کي بي صبري سان انتظار آھي، پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون دبئي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون، ٻنهي ملڪن جَي مداحن جون دِليُون تيزي سان ڌڙڪڻ لڳيون آھن

 وڏيون اسڪرينون لڳائي ميچ ڏسڻ جون تياريون تيز ٿي ويون آھن، بابر اعظم جِي قيادت ۾ قومي ٽيم ڪولهي اليون کي مات ڏيڻ لاءِ پرعزم آھي، ميچ شام 7 وڳي شروع ٿي ويندي.

پاڪ، ڀارت ميچ جي حوالي سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آھي تھ اسان کي رليڪس رھڻو آھي، دٻاءُ ناھي وٺڻو، پاڻ تي اعتماد آھي، سئو سيڪڙو راند پيش ڪنداسين.

ھن جو چوڻ آھي تھ ٻھ ميچز اھم آھن پر اسان کي اعتماد آھي تھ اسان سٺي راند پيش ڪنداسين، پاڪ ڀارت سدائين ھڪ وڏي ميچ ھوندي آھي، ھر ٽيم جي پنھنجي قوت ھوندي آھي

ھي به پڙھندا

 

پاڪ-ڀارت ٽيمن جي ڪارڪردگي، بالنگ ۽ بيٽنگ اٽيڪ تي هڪ نظر