ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪيترائي پ پ اڳواڻ ناراض، مقابلي لاءِ تيار

0
152
ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي 14يونين ڪائونسلن
ٽڪيٽ نه ملڻ تي نظر انداز ڪيل ڪيترن ئي اميدوارن آزاد حيثيت ۾ پ پ اميدوارن جي مقابلي ۾ ڦارم ڀرائي ڇڏيا

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي 14يونين ڪائونسلن ۽ هڪ ٽائون ڪاميٽي تي قيادت پاران ٽڪيٽ نه ملڻ تي نظر انداز ڪيل ڪيترن ئي اميدوارن آزاد حيثيت ۾ پ پ اميدوارن جي مقابلي ۾ ڦارم ڀرائي ڇڏيا آهن، ٽائون ڪميٽي جي 8 وارڊن ۾ پڻ پ پ جي اميدوارن سامهون آزاد اميدوار ميدان ۾ لهي پيا آهن

 پ پ اميدوارن سان مقابلي ۾ فارم ڀرائيندڙن ۾ نواب حارث، ناصر احمد، رامچند ميگهواڙعرف بابو، محبوب کيڙو، عبدالرشيد ٽالپر، ارشاد احمد، فتح خان چانڊيو، ياسر آرائين، اسلم دل، مقصود ڀرڳڙي، قربان شر، ذوالفقار شر ۽ ٻيا شامل آهن

اهڙي صورتحال سبب پ پ جا مقامي عهديدار مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ مخالفت ۾ بيٺل سندن کي حامين کي منهن ڏيڻ لاءِ پريشان آهن