سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران فصل سُڪائي ڇڏيا، جانور مرڻ لڳا

0
253
سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران
سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران فصل سُڪائي ڇڏيا، جانور مرڻ لڳا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران فصل سُڪائي ڇڏيا، جانور، پکي توڙي انسان به پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن

مختلف شهرن ۾ شهرين ۽ آبادگارن طرفان پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي

ملڪاڻي شريف ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف پنگريو- جهڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون ۽ آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي

ميرپور بٺورو ۽ ڀريا روڊ ۾ شهرين سان گڏ قومپرست ڪارڪنن جا مظاهرا ڪري نعريباي ڪئي وئي

سجاول، گُپچاڻي، بُڇيري دولتپور ۽ ٻين شهرن ۾ زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، شاخن ۽ واهن ۾ فوري پاڻي ڏئي فصل بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي