ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا “پٿر هضم- لڪڙ هضم” ڪامورا

0
181
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا “پٿر هضم- لڪڙ هضم” ڪامورا

هن ملڪ ۾ سرڪاري ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ انهن جي ڦرلٽ جا اهڙا ته دل ڌوڏيندڙ لقاءَ نظر اچن ٿا، جو ان ڦرلٽ اڳيان دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙا به ڪجهه نه آهن. هونئن ته ڪرپشن جو سج سڄي ملڪ ۾ آب ۽ تاب سان چمڪي ٿو پر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ته سرڪاري اثاثن کي تباهه ڪرڻ ۽ ڦرلٽ لاءِ ذميوار “پٿر هضم- لڪڙ هضم” ڪامورڪو ڪڙم ته اڃان به ٻه وکون اڳتي آهي. سنڌ جو ڀلا اهو ڪهڙو ادارو آهي، جيڪو هن اڏوهيءَ کان بچيو هجي! سرڪاري ادارن سان ڪيل اهڙي بيدرديءَ جو هڪ مثال سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پڻ آهي، جتي 27 سال اڳ جرمنيءَ طرفان مليل 6 جديد پرنٽنگ مشينون رڳو ان ڪري استعمال نه ڪيون ويون ته جيئن شاگردن جي لاءِ ڪورس جي ڪتابن جي ٺيڪيداري سسٽم ذريعي ڇپائي ۾ ملندڙ ڪميشن کان محروم نه رهجي وڃجي. خبر موجب: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ 27 سال اڳ مليل 6 جديد مشينون کوليون ئي نه ويون، جن مان 4 مشينون رکي رکي ضايع ٿي ويون، جڏهن ته باقي ٻن مشينن کي به فعال ڪرڻ لاءِ ڳري رقم گهربل آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ طرفان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو سنڌ ۾ “عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون” ميڊيا جي توسط سان ماڻهن تائين نه پهچنديون هجن. ڪرپشن جو ڪينسر سمورن سرڪاري ادارن جي سرير ۾ سرايت ڪري چڪو آهي. ادارن کي ڦُري لُٽي تباهه ڪري بي لاڀ بڻايو ويو آهي. حيرت اها آهي ته احتساب ۽ پڇاڻي وارن ادارن جي موجودگي باوجود ان ڪرپشن جو ڪوبه پڇاڻو نٿو ٿئي. پڇاڻي نه ٿيڻ جو سمجهه ۾ ايندڙ سبب ان ڪرپشن مان کاتي جي “منڍ کان پوڇڙ تائين” سڀني جو سيراب ٿيڻ آهي. صرف ۽ صرف ڪنهن اداري جو سربراهه اڪيلو ئي ڪنهن وڏي ڪرپشن جو ذميوار نه هوندو آهي. ڪرپشن جي واهڙ مان اهي سڀ هٿ ڌوئندا آهن، جن طرفان اداري جي سربراهه کي ڪرپشن لاءِ ڇوٽ ڏنل هوندي آهي، تنهنڪري  ان جي ڪا به پڪڙ نه ٿيندي آهي. 6 جديد مشينون جرمنيءَ کان تعليم کاتي جي هن اداري کي 27 سال اڳ مليون هيون پر استعمال رڳو ان ڪري نه ٿيون ته جيئن بورڊ جي اختيار ڌڻين جي ڪميشن واري سلسلي کي ڪو گرهڻ نه لڳي. انهن 27 سالن مان 15 سال پ پ پ جي لڳاتار حڪمرانيءَ جا پڻ شامل آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪتاب ٺيڪيداري سسٽم تحت ڇپرائي ٿو، پر اهي ڪتاب اداري جي پنهنجين مشينن تي ڇپجن ها ته انهن تي گهٽ خرچ اچي ها پر ان سان ڪامورڪي ڪڙم جي ڏاٺ ته ٿوري چرپر ڪري ها پر گرم نه ٿئي ها. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي حوالي سان رڳو هن سال جا انگ اکر ڏسجن ته ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن. هلندڙ سال ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ 2 ارب، 53 ڪروڙ رپيا رقم رکي وئي. توڙي جو 48 لک ٻارن کي ڪتابن جي فراهمي ٿيڻي هئي پر ڪتاب گهٽ ڇپرائي صرف 18 لک ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب ڏنا ويا. جيڪڏهن حساب لڳائجي ته اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون ايندي ته هلندڙ سال سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ صرف 37 سيڪڙو ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب ڏنا. ٻين لفطن ۾ ايئن چئجي ته هن اداري طرفان 63 سيڪڙو ٻارن کي ڪورس جي ڪتابن کان محروم رکيو ويو. ڀلا ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڪرپشن ٿي سگهي ٿي! جڏهن اهو معاملو ميڊيا تي آيو ته پهرين ته ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي اختيارين اها ڳالهه مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ۽ ترديدن جا طوفان برپا ڪندا رهيا پر پوءِ جڏهن سڄي سنڌ مان آواز اٿڻ لڳا، تنهن کانپوءِ انهن مس مس اها ڳالهه مڃي پر جواز اهو ڏنو ته ڊالر جي اگهه ۾ اضافي سبب پَني ۽ پرنٽنگ جا خرچ وڌي ويا، جنهنڪري ڪتاب گهٽ ڇپجي سگهيا.

ڇهن پرنٽنگ مشينن کي استعمال نه ڪري ناڪارا بنائڻ جي جاچ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر وري به معاملو اينٽي ڪرپشن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو ته ذميوارن جي پڪڙ ۾ اچڻ ۽ سزا تائين پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويندا، جو اتي به “ڏنو، پُٽ ڇُٽي جو” وارو سِڪو هلي ٿو. ذميوارن خلاف ايف آءِ آر ڪٽجڻ گهرجي ۽ گرفتاريون ٿيڻ گهرجن. ٻيو ته هلندڙ سال ڪتاب گهٽ ڇپرائي جيڪا ڪرپشن ڪئي وئي آهي، انهن جي ذميوارن کي به احتساب جي وڪڙ ۾ آندو وڃي.