افغان پناهگير ۽ مقامي آباديءَ جا انساني حق

0
360
افغان پناهگير ۽ مقامي آباديءَ جا انساني حق

 ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ رهندڙ لکين غيرقانوني پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ ڳالهين کانپوءِ ايڪشن به شروع ڪيو آهي. ڪي ماڻهو ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان عمل کي روڪڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته هڪ وڏي اڪثريت غيرقانوني پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جي حامي آهي.

                 جنگيون، ڏڪار، معاشي سوڙهه، قدرتي آفتون ۽ روزگار جي ڳولا ماڻهن جي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿيڻ جا اهم ڪارڻ رهيا آهن. انساني تاريخ لڏپلاڻ جي قصن سان ڀريل آهي. هن وقت دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو جتي رهن پيا، اهي ٻه چار نسل پٺيان ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن ٻئي ماڳ تان لڏي اتي آيل آهن. جڏهن دنيا سرحدن جي سختين کان آجي هئي ته اها لڏپلاڻ بنا رنڊڪ جي ٿيندي هئي. وقت سان گڏ جيئن جديد رياستون قائم ٿيون ۽ سرحدن تي پهرا سخت ٿي ويا ته هڪ کان ٻئي خطي ۾ وڃي رهي سگهڻ جا اصول ۽ ضابطا تيار ٿيا. هاڻي ساڳئي رنگ، نسل، قوميت ۽ عقيدي وارا ماڻهو به هڪٻئي جي رياستن ۾ سولائيءَ سان نٿا وڃي سگهن. اها صورتحال انهن رياستن ۾ ويتر سنگين آهي، جتي جنگي ۽ معاشي گهوٽالو برپا ٿيل آهي. گڏيل قومن واري اداري جي پناهگيرن بابت اداري UNHCR موجب 2022ع جي پڄاڻيءَ تائين دنيا ۾ تڪرارن، تشدد ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 11 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا هئا. انهن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو پناهگير بڻيل هئا. هن سال سوڊان جي شروع ٿيل گهرو ويڙهه سبب 26 لک ماڻهو ملڪ اندر ۽ ساڍا 7 لک ملڪ کان ٻاهر دربدر ٿي چڪا هئا. هن وقت ترڪي دنيا جي سڀ کان وڏي پناهگير آباديءَ جو ملڪ آهي، جتي 35 لک پناهگير ترسيل آهن. يوڪرين، شام، عراق، سوڊان، ميانمار ۽ يمن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو جنگين سبب دربدر ٿيل آهن. يورپ، ترڪي، پاڪستان، ايران، لبنان، اردن، ڪيمرون، چاڊ ۽ نائيجر ۾ لکين پناهگير ترسيل آهن.

افغان پناهگيرن جي لکن جي انگ ۾ پاڪستان آمد جي تاريخ به اهڙي ئي نوعيت جي آهي. انگريزن جڏهن افغانستان کي ڊيورنڊ لائين وسيلي الڳ رياست بڻايو ته ٻنهي پاسي رهندڙ قبيلن ان ليڪ کي مڃڻ کان نابري واري. اهو تڪرار ايترو شديد رهيو جو افغانستان، پاڪستان کي الڳ رياست طور قبول ڪرڻ کان به نابري واري هئي. پاڪستاني پاسي رهندڙ پختون پاڻ کي نسلي طور افغان قرار ڏين ٿا ۽ ڊيورنڊ لائين جا مخالف آهن. نامور پختون قومپرست اڳواڻ خان عبدالغفار خان به وصيت ڪئي هئي ته کيس افغانستان واري پاسي دفنايو وڃي، جنهن تي عمل به ڪيو ويو. 70ع واري ڏهاڪي کان افغانستان ۾ جڏهن اندروني گهوٽالو سنگين ٿيو ۽ ويڙهاڪ گروهن ۾ جنگ شروع ٿي ته پاڪستان سرڪار به ان ۾ ڌر بڻجي وئي. اهو گهوٽالو ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ 1979ع ۾ سوويت يونين پاران افغانستان ۾ فوجي مداخلت ۽ آمريڪا پاران پاڪستان وسيلي جوابي مداخلت کانپوءِ سنگين شڪل اختيار ڪري ويو. يو اين ايڇ سي آر موجب، پاڪستان ۾ 37 لک افغان پناهگير رهن پيا، جن مان رڳو 14 لک رجسٽر ٿيل آهن. انهن ۾ 70ع جي ڏهاڪي وارين جنگين توڙي 2021ع ۾ طالبان پاران افغانستان تي قبضي کانپوءِ ڀڄي نڪتل افغاني شامل آهن. طالبان پاران پاڪستان تي قبضي کانپوءِ اٽڪل 6 لک افغاني پاڪستان ڀڄي آيا. هن وقت پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جو اصل انگ ڪنهن کي به معلوم ناهي. افغانستان جيئن ته لڳاتار جنگ جي حالت ۾ آهي، تنهنڪري پاڪستان لڏي آيل افغاني پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ تيار نه آهن. 1979ع کانپوءِ جيڪي افغاني پاڪستان ۾ آيا، انهن کي آمريڪي امداد هيٺ تڏهوڪي اسٽيبلشمينٽ ذري گهٽ شهرين جيترا حق ڏيئي ڇڏيا. کين ڪئمپن ۾ رکڻ بجاءِ بلوچستان ۽ پختونخوا صوبن ۾ مڪمل طور آزاد چرپر، ملڪيتن وٺڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جا حق ملي ويا. جيئن ته ملڪ ۾ روزگار جي حوالي سان سڀ کان ستابو صوبو سنڌ آهي، تنهنڪري افغانين جي وڏي گهڻائي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو منهن ڪيو، جتي سندن نسل جي هڪ وڏي آبادي اڳ ئي موجود هئي. مڪمل سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ کين ڪراچيءَ ۾ رهائش ۽ روزگار، بنا ڏکيائيءَ جي ملڻ لڳو. وقت سان گڏ کين هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا شهري دستاويز به ملي ويا ۽ ايئن لکين افغاني هوريان هوريان پاڪستاني بڻجي ويا. جيئن ته افغاني، ملڪ اندر انتهاپسند مذهبي گروهن جا ساٿاري رهيا، تنهنڪري هنن وسيلي افغانستان مان جديد موتمار هٿيار ۽ منشيات جي اچ وڃ به عام ٿي وئي. افغانستان جي کليل سرحدن تان اچ وڃ ۾ کين ڪابه رنڊڪ نه رهي آهي. جڏهن 11/9 واقعي کانپوءِ پاڪستان پاران دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته افغان طالبان پاڪستان خلاف ويڙهه ۾ جنبي ويا. تڏهن کان ملڪ اندر دهشتگرديءَ جا اڻ ڳڻيا واقعا ٿي چڪا آهن، جن ۾ هزارين فوجي ۽ شهري مارجي چڪا آهن. ويجهڙ ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ آيل تيزي ۽ ان ۾ افغاني شهرين جي ملوث هجڻ کانپوءِ تازو ايڪشن شروع ٿيو آهي.

2022ع ۾ پاڪستان سرڪار ۽ گڏيل قومن جي پناهگيرن وارن اداري پاران پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جا انگ اکر ڪٺا ڪيا ويا. ان وقت پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جو ڪاٿو 30 لک لڳايو ويو، جن مان 42 سيڪڙو ڪئمپن ۾  ۽ 58 سيڪڙو شهرن ۾ رهندڙ هئا. افغان پناهگيرن ۾ 81 سيڪڙو پشتون نسل سان تعلق رکندڙ هئا. انهن مان اڌ آبادي 1979ع واري جنگ وقت هتي پهتي هئي. ان کانپوءِ پاڪستان، اقوام متحده سان گڏ افغانين جي رضاڪاراڻي واپسي جي رٿا شروع ڪئي. افغان شهرين کي ٽن سالن تائين رهڻ لاءِ خاص ڪارڊ جاري ڪيا ويا، جن جي مدت پهرين 2009ع تائين هئي، جيڪا وري 2012ع تائين وڌائي وئي. ان وقت 17 لک افغانين کي ان عارضي رهائش جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا. جڏهن ته رڳو 2 لک، 6 هزار افغاني اقوام متحده جي واهر سان ملڪ واپس ويا. ان جو مطلب ته افغانين کي باعزت طريقي سان ڀاڙو ڀُتو ڏيئي پنهنجي ملڪ اماڻڻ جون به ڪوششون ٿي چڪيون آهن، جن مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي.

لکين پناهگيرن کي ڊگهي عرصي تائين ڪنهن ملڪ ۾ ترسائڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. ڌاري آبادي رڳو ميزبان آباديءَ جي معاشي وسيلن تي بار نٿي بڻجي پر ان جي سياست، سماجي ڍانچي، ثقافت ۽ وسيلن تي مالڪيءَ جهڙن معاملن تي به اثر انداز ٿئي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مقامي آباديون، ڌاري آباديءَ جي ڊگهي مدي تائين رهڻ جي خلاف آهن.

افغانستان جا 26 لک شهري ايران ۾ رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته 5 لک ماڻهو رجسٽر ٿيل نه آهن. ايراني صدر حسن روحاني جي حامي آفتاب نيوز جي ويب سائيٽ تي افعانين جي وڌندڙ آباديءَ تي ڳڻتيءَ جو به اظهار ڪيو. ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين حشمت الله انٽرويو ۾ چيو ته روزانو 10 هزار افغاني ايران اچي رهيا آهن ۽ اچرج جي ڳالهه آهي ته کين ٻن ڏينهن ۾ رهائش ۽ نوڪري ملي ٿي وڃي. هن جنهن ڳالهه تي خاص طور ڳڻتي ظاهر ڪئي، اها هئي ته 15 لک کن افغان پناهگير فوجي پسمنظر وارا آهن.

ترڪي، هن وقت دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي پناهگير آباديءَ وارو ملڪ ٿو ڄاڻايو وڃي، جتي 35 لک پناهگير رهندڙ آهن. شام مان آيل هزارين اڻ رجسٽرڊ ماڻهو ان کانسواءِ آهن. هڪ ڪاٿي موجب 60 سيڪڙو شامي پناهگير ترڪيءَ مان ڪنهن به قيمت تي واپس نٿا وڃڻ گهرن. ٻئي پاسي مقامي ترڪ آبادي شامي پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪلڻ گهري ٿي. 2012ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب 66 سيڪڙو ترڪ عوام شامي پناهگيرن جي ملڪ واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. جيئن جيئن پناهگيرن جو انگ وڌيو ۽ ترڪيءَ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪَر کنيو، ترڪ عوام ۾ سندن مخالفت ۾ به تيزي آئي. 2021ع ۾ ٿيل هڪ سروي موجب 82 سيڪڙو ترڪ شهرين، شامي پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ اماڻڻ جو مطالبو ڪيو. ترڪيءَ ۾ رهندڙ دوستن ٻڌايو ته گذريل چونڊن ۾ اردگان جي غير مقبوليت ۽ معمولي فرق سان صدارت کٽڻ جو هڪ ڪارڻ شامي پناهگيرن ڏانهن سندس نرم رويو به هو، جنهن تي ترڪ عوام ڪاوڙيل آهي. جڏهن شام ۽ لبيا مان وڏي انگ ۾ پناهگيرن زندگيون داءُ تي لڳائي يورپي ملڪن ڏانهن منهن ڪيو ته يورپي يونين جي ملڪن ۾ به ان معاملي تي ڇڪتاڻ هئي ته ڪهڙو ملڪ ڪيترا پناهگير رهائيندو. ميانمار مان بنگالي نسل جا روهنگيا پناهگير جڏهن بنگلاديش پهتا ته اتي جي حڪومت کين ٻيٽ تي هڪ ڪئمپ ۾ رکيو ۽ کين قبولڻ کان انڪار ڪيو. ٿورڙن لفظن ۾ ته پناهگير آباديءَ جو ڊگهو عرصو ملڪ ۾ رهڻ مقامي آباديءَ کي ڪٿي به قبول نه آهي.

پاڪستان ۾ افغان پناهگير آبادي به هتي انيڪ مسئلن جو ڪارڻ به رهي آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جون مقامي آباديون سندن وڏي انگ ۾ موجودگي، معاشي وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضي ۽ سنگين ڏوهن توڙي دهشتگرديءَ ۾ ملوث هجڻ جي دانهن ڪنديون رهيون آهن. البته پختون آباديءَ جو عوام توڙي سندن سياسي قيادتون ۽ مذهبي اڳواڻ نسلي بنيادن تي سندن حمايت ۾ هڪ نظر اچن ٿا. ملڪ جون وڏيون سياسي جماعتون مٿان ايندڙ چونڊن ۾ افغاني ۽ پختون آباديءَ جي ووٽن جي لالچ ۾ کين ملڪ نيڪالي ڏيڻ کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيئي رهيون آهن. ياد رهي ته هن وقت جيڪو ٿورو گهڻو ايڪشن نظر اچي ٿو، اهو رڳو انهن غير قانوني پرڏيهين خلاف آهي، جن وٽ ملڪ ۾ پناهگير طور رهڻ جا ڪي به سرڪاري دستاويز نه آهن. لکين افغاني جيڪي هتي جا غيرقانوني دستاويز ٺهرائي رهن پيا يا جيڪي پناهگير طور رجسٽر ٿيل آهن، انهن خلاف ڪوبه قدم نه پيو کڄي. جيڪي ماڻهو آهن ئي غيرقانوني، انهن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جي مخالفت سمجهه کان ٻاهر آهي. ان عمل جي مخالفت ڪندڙ پاڻ ڪنهن ملڪ جي رڳو جائز ويزا وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيهن ٿا، ڇا کين خبر ناهي ته دنيا جو ڪوبه ملڪ غيرقانوني رهائش جي اجازت ناهي ڏيندو؟

2021ع کان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت موجود آهي. دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته ملڪ ۾ بهترين امن امان آهي ۽ هڪ مضبوط حڪومت اسلامي نظام واري رياست هلائي رهي آهي. ان صورتحال ۾ شهرين جي پنهنجي ملڪ واپسي جي مخالفت جو ڪهڙو جواز آهي؟ ڪنهن به  بي گهر ٿيل ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي وطن ورڻ ته سرهائيءَ جي ڳالهه هجڻ گهرجي. اهي لکين پناهگير دراصل آمريڪا ۽ سندن اتحادين جي شروع ڪيل جنگين سبب بي گهر ٿيا هئا. اصولي طور انساني حقن جي علمبردار انهن ملڪن کي گهرجي ته نه رڳو غيرقانوني پر قانوني طور رهندڙ افغانين کي به مالي سهائتا فراهم ڪري پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ رهائڻ لاءِ انتظام ڪن، جتي کين رهائش ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انساني حقن جي احترام جي تقاضا ته اها آهي ته ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ عزت ۽ آبرو سان موڪلي کين باعزت زندگي فراهم ڪئي وڃي. هو جنهن ملڪ جا شهري آهن، اتي جي حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجي شهرين کي ڀليڪار ڪري هڪ باعزت زندگي فراهم ڪري.

پاڪستان کي به هڪ ذميوار رياست طور پنهنجي ملڪ ۾ قانوني گهرجن جي پورائي کانسواءِ ڌاري آباديءَ جي آمد کي سختيءَ سان روڪڻ گهرجي. ملڪ جي پنهنجي وڌندڙ آبادي اڳي ئي غربت، بيروزگاري ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهي، جيڪو ملڪي استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. افغاني پناهگيرن جي انساني حقن لاءِ احترام جي گهر ڪندڙن کي گهرجي ته مقامي آباديءَ جي حقن جو به احترام ڪن.