فلسطين ڪيس: ڪجھ نيون حقيقتون

0
110
فلسطين ڪيس: ڪجھ نيون حقيقتون

 سڄي دنيا جو عوام سراپا احتجاج آھي. اسرائيل خلاف اولھ توڙي اوڀر ۾، ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ احتجاج جي موسم آھي. لنڊن ۾ لکين ماڻھو ڪئين ڀيرا احتجاجي مظاھرا ڪري چڪا آھن. ڪجھ ملڪن، خاص طور خود اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ يھودين مان ڪيترن ئي ماڻھن اسرائيلي اختيار ڌڻين خلاف احتجاج ڪيو آھي. نار جي ڪجھ ملڪن کي ڇڏي ڪري، لڳ ڀڳ سمورن  ملڪن جي مشھور شھرن ۾  حڪمرانن خلاف احتجاج ٿيو آھي، پر ھڪ عرب مسلم آباديءَ تي نج پج ناحق حملا ٿين ٿا، ھزارين ماڻھو مارجن ٿا پر ڪن عرب ملڪن ۾ ماڻھو احتجاج ڪندي نه پيا ڏسجن. انھن مسلم ملڪن جا ماڻھو، جي گھڻا خود جاھل آھن، انگريزن لاءِ جيڪو ڪجھ چوندا رھندا آھن، گھٽ ۾ گھٽ ھاڻي ان جي تصديق نه ٿي ڪري سگھجي. ڪجھ عرب ملڪن ۾ جھالت جو عالم اھو آھي ته اڃا به کين ان جو احساس ناھي ته عربن تي حملا ٿي رھيا آھن ۽ سندن بادشاھ اسرائيل ۽ آمريڪا جو ساٿ پيا ڏين. خاص طور تي اردن جو شاھ عبداللہ. اھي بس پنھنجن ماڻھن کي دٻائڻ ۾ تڪڙا آھن. ڪاوڙ ڏاڍي تي چڙھي ڪانه، ھيڻي تان لھي ڪانه.

برطانيا ۾ به اھا جھالت يعني بادشاھي آھي، پر اتان جا ماڻھو ايتري حد تائين ننڊ ۾ ناھن. برطانيا، آمريڪا، فرانس سميت گھڻن ئي ملڪن ۾ چونڊيل نمائندن مان ڪيترائي احتجاج جي ان ميدان ۾ آھن. اسرائيل جي ڪٽر حامي ٻن ملڪن مان ھڪ برطانيا جي وزير اعظم رشي سونڪ  پنھنجي ھڪ حڪومتي عھديدار پال بريسٽو کي ھٽائي ڇڏيو. سبب ھو احتجاج. غزا تي حملا جاري آھن. مزاحمت به جاري آھي ۽  تمام وڏا ھاڃا به. گھٽ ۾ گھٽ 24  ڏينھن  جي صيھوني بربريت جي نتيجي ۾ 3 ھزار کان وڌ ابھم ٻارڙا شھيد ٿي ويا. انھن سميت فلسطيني مقتول 9 ھزار کن فلسطيني صيھوني ظلم جو کاڄ ٿي چڪا آھن. گھٽ ۾ گھٽ 22 ھزار کان وڌ زخمي آھن. تازو ھڪ پناھگاھ جباليا ڪئمپ تي 2 ڀيرا بمباري ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ رفاه بارڊر جي نالي سان مصر ڏانھن ھڪ مشھور لنگھ کوليو ويو آھي، ان نيت سان ته ھڪ طرف غزا واسين تائين کاڌو پيتو، ٻارڻ ۽ ٻين شين تي مشتمل امداد  پھچائي وڃي ۽ ٻئي طرف  شديد زخمي غزا واسين کي مصر ۾ طبي امداد ڏني وڃي. پر اھو به مصري حڪمرانن قطر جي زور ڀرڻ تي ڪيو آھي. نه ته مصري اميرن ڪبيرن جو رويو به فلسطينين سان ڌارين وارو آھي. حماس جي نظرئي ۽ حڪمت عملي سان  ٻيا اختلاف ٿي سگھن ٿا پر مظلوميت جو رشتو ته آھي. غاصب، قابض، ظالم، جابر لشڪر فلسطينين جي ڌرتيءَ تي ڪاھ ڪري آيا ۽ جي نڌڻڪا ٿي مارجي رھيا آھن يا جي بچاءَ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن، تن کي اڪيلو ڇڏي ڏجي، انھن جي انساني امداد به روڪي ڇڏجي، جا قانوني آھي…؟ دنيا جو عوام وس آهر ھنن مظلومن جو ساٿ ڏئي رھيو آھي.

اخلاقي لحاظ کان اسرائيل شڪست کائي چڪو آھي. گوتريس ۽ پوپ فرانسس سميت ڪيترين ئي ھاءِ پروفائل شخصيتن  جي مخالفت يا جنگبندي واري مطالبي سبب ۽ احتجاج سبب به  فلسطينين کي  آٿت آھي. انڊيا جي شاعر عرفان صديقيءَ چواڻي؛

ايڪ مين ھون ڪه آشوب نوا مين چپ ھون

ورنه دنيا ميري زخمون ڪي زبان بولتي ھي

حماس جي 7 آڪٽوبر واري حملي بعد آمريڪا ۾ اسرائيل جي ڪريڊٽ ريٽنگ گھٽجي وئي آھي.

اسرائيل وٽ جديد ھٿيار آھن ۽ انھن مان ھڪ اٿس ڪوڙ جو ھٿيار. پر اھو ڪوڙ جو ھٿيار به ھن ڀيري اڳي جيان نه ٿو ھلي. مثال طور صيھوني سازشي مشھور آھن، پر جڏھن ھو اها پروپيگنڊا ڪن ٿا ته  مثال طور ايران- عراق جنگ ھنن پاڻ ڪرائي، خمينيءَ کي ايران ۾ ھنن حڪمران ڪيو ته اھي ھٿيار بئڪ فائر ڪن ٿا يعني اسرائيلين تي ئي گوليون ھلي ٿيون وڃن. يقينن صيھونين جو ڪوڙ  ڪٿي کين ڪم به آيو آھي. مثال ھو چون ٿا ته 7 آڪٽوبر واري حملي جي رٿابندي ڪندي حماس  اسرائيلي فيسٽيول کي خاص نشانو مقرر ڪيو ۽ ٻارڙن جا سر قلم ڪيا. حماس ان الزام کي دوکو قرار ڏنو آھي. ان جي نائب سربراھ موسيٰ ابو مرزوق ٻڌايو آھي ته اھو حملو ڪرڻ شرط کين صيھوني فوج جي ردعمل کي منھن ڏيڻو پيو ھو.

حقيقت اھا به آھي ته اسرائيل کي آمريڪا  ٽيڪنيڪي لحاظ کان تمام وڏي مدد ڏئي ٿو، جنھن جو رڳو ھڪ مظاھرو ڊاگ روبوٽ آھن. پر ان جو اھو مطلب ناھي ته لازمي طور اسرائيل انھن ھٿيارن ذريعي فتحياب ٿيندو. مظلومن جا حوصلا خطا ڪرڻ لاءِ حڪمران طبقي جا حامي ھڪ اهو دليل به ڏين ٿا ته   مصر ۽ عرب حڪمران طبقي تي الزام نه ڏنو وڃي ته اھي فلسطين لاءِ نه ٿا وڙھن، اھي ته اسرائيل سان 3 جنگيون وڙھي چڪا آھن، جن ۾ کين شڪست ملي آھي.

اھو دليل ڏيندي اھڙا پروپيگنڊائي  عنصر اھو وساري ٿا ويھن ته پھرين ڳالھ ته مصر سوئيز ڪئنال مھم ۾ صيھونين کي  شڪست ڏني ھئي. عالمي کيڏارين  مصري فاتحن سان پوءِ ڪھڙي کيڏ ڪئي، اھا ڪھاڻي پنھنجي ھنڌ پر  ھيءَ قطعي حقيقت آھي ته دنيا ۾ ڪئين جنگيون ڏاھپ، ٺاھ يا حڪمت عمليءَ سان ٿوري تعداد وارن کٽيون آھن. جن جو ھڪ مثال پاڻ اسرائيلي آھن، جن تعداد ۾ ٿورا ھئڻ باوجود دنيا جي نڪ ۾ دم ڪيو آھي. پر اھي حق جي پوئلڳن جي ڀيٽ ۾ ناحق تي سندرو ٻڌي بيٺل آھن. حق پرست ثابت قدمي، نظرئي، انسان سان غيرمشروط انس، بھادري، دور انديشي، سادگي ۽ حق جي اصولن تي مدار رکندا آھن. ھنن جو دارومدار ته فتح ۽ شڪست تي به نه ھوندو آھي، ڇو ته اھو دنيا جو ڦيرو آھي. دنيا جي قوتن دنيا جي فاني انسانن تي حملو ڪيو آھي. اھي کين شڪست به ڏئي سگھن ٿا ۽ نه به، پر حق، انسانيت، نظريو ۽ اصول زنده باد رکڻ گھرجن.