رائونتي جي شهيد اهلڪارن جي ورسي ۽ وساريل حڪومتي واعدا

0
115
رائونتي جي شهيد اهلڪارن جي ورسي ۽ وساريل حڪومتي واعدا

گهوٽڪي جي تاريخ ۾ 5 نومبر 2022 واري اڀاڳي ڏينهن وارو  واقعو گهوٽڪي پوليس لاءِ ڪنهن وڏي نقصان کان گهٽ نه هو. 5 نومبر جي اڀاڳي شام جو جڏهن گهوٽڪي جي اڳوڻي ايس ايس پي تنوير تنيو پاران ضلع جي ڪجهه ايس ايڇ اوز ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي مغوين جي بازيابي لاءِ رائونتي واري ڪچي ۾ بدنام ڌاڙيل راحب شر خلاف آپريشن لاءِ موڪليو ويو، ان ۾ چار اي پي چين ڪاهي پوليس رواني ٿي وڃي پوليس چوڪي بيا ون ويجهو راحب شر جي ويجهن مائٽن راجو شر ۽ لالو شر جي گهرن ۾ وڃي پڪٽ قائم ڪري ڇڏي. جيئن ئي رات ٿيڻ لڳي ته ڌاڙيلن جي ٽولن پاران گڏجاڻيون ڪري پوليس ڏانهن رهيل پلاند وٺڻ لاءِ ڏوهاري گڏ ڪيا، ڇو ته هن ٻه مهينا اڳ پوليس ڪچي جي بدنام زمانا رٽائرڊ ڌاڙيل سلطو شر کي رائونتي جي ان وقت جي ايس ايڇ او ايوب ڊوگر دوکي سان گهرائي ساٿي عيسو ڊوڻو شر سميت سلطو کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو هو.

                 سلطو جا ڀائر ۽ ڪچي جا ڏوهاري ٽولا جيڪي سلطو جي پلاند لاءِ پوليس جي رت جا پياسا هئا، پوءِ ڏوهاري ٽولن اچي پوليس مٿان اڌ رات اچي راڪٽ لانچر سان حملو ڪيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻو واسي ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، سکر واسي ايس ايڇ او ميرپور عبدالمالڪ ڪمانگر، ميرپور خاص واسي ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري، ميرپور ماٿيلو واسي سپاهي جتوئي پتافي ۽ اوٻاوڙو واسي سپاهي سليم چاچڙ موقعي تي شهيد ٿي ويا ۽ پوءِ باقي اي پي سي چين ۾ ويٺل پوليس اهلڪار پنهنجي جان بچائي نڪري آيا. شهيدن جا لاش ڏوهارين پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۽ صبح جو پنجاب پوليس ڏوهارين سان ڳالهيون ڪري لاش وصول ڪيا. اهلڪارن جي شهادتن کانپوءِ شهيدن جي وارثن پاران خدشا ظاهر ڪيا ويا ته اسان جي پيارن کي نڌڻڪو ڪري پوليس هٿ سان مارايو آھي. ان کانپوءِ پوليس مسلسل تياريون ڪندي رهي ته اڄ ٿا پلاند ڪريو، سڀاڻي ٿا پلاند ڪريون پر پوليس پنهنجي ساٿي شهيد اهلڪارن جو پلاند نه ڪري سگهي ۽ هڪ سال بعد ايس ايس پي تنوير تنيو به پلاند واري آس دل ۾ رکي نيٺ ضلعي مان بدلي ٿي هليو ويو.

اڄ انهن 5 شهيد اهلڪارن جي گهرن ۾ ماتم آھي. اهي به اطلاع آھن  ته شهيدن جي وارثن لاءِ جيڪي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ اعلان ڪيا هئا، اهي به اعلان ئي رهجي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته شهيد انسپيڪٽر دين محمد لغاري جو خاندان انتهائي غريب آھي، جيڪو گذر سفر به نه ٿو ڪري سگهي ۽ شهيد جا ٻارڙا به تعليم کان محروم بڻجي ويا آھن. سوال اهو آھي ته شهيد اهلڪارن جي ڪيس ۾ نامزد ٿيل 70 ڄڻن مان پوليس هن وقت تائين آخر ڪيترا ماڻهو گرفتار ڪيا آھن؟ پوليس ناقص حڪمت عملي ڪيترائي گهر ۽ خاندان اجاڙي ڇڏيا. ڌاڙيل اڄ به پوليس لاء هڪ وڏو چيلينج بڻيل آھن ۽ پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آھي. پوليس جي اهڙي بي وسي تي لکجي يا وري شهيد اهلڪارن جي ٻارڙن جي لاوارثي تي لکجي ته جيڪي شهيدن جا ٻارڙا آھن، اهي بي يارو مدد گار ويٺل آهن. جڏهن ميرپور خاص واسي شهيد انسپيڪٽر دين محمد لغاري جي پٽ بلاول سان فون تي ڳالهه ٿي ته ان چيو ته سرڪار پاران جيڪي رقم جو اعلان ڪيو ويو، ان مان هڪ روپيو به اڃان تائين ناهي مليو. هن چيو ته اسان وٽ ته بابا جي ورسي ملهائڻ جيترا به پيسا ناهن. بلاول لغاري جا لفظ انتهائي ڏکوئيندڙ هئا. آخر سنڌ پوليس ۽ سنڌ سرڪار جيڪي اعلان ڪيا هئا، اها رقم وارثن کي ڇو ناهي ملي سگهي؟ اها خبر ته سنڌ پوليس کي ئي هوندي، باقي جيڪي سنڌ سرڪار ۽ گهوٽڪي پوليس ۽ آءِ جي سنڌ اعلان پيو ڪري ته ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو ته پوءِ گهوٽڪي پوليس آخر ڪهڙي سهاري تي ڏوهارين سان وڙهي؟ ڇو ته شهادت کانپوءِ پوليس ڊپارٽمينٽ پنهنجي ئي اهلڪارن کي صرف سلامي تائين ياد ڪري پوءِ وساري ٿو ڇڏي.