ٻيهار به ملنداسين، ڪنهن دور ستاري تي …..

0
120
ٻيهار به ملنداسين، ڪنهن دور ستاري تي .....

 خيرپور (ميرس) سنڌ، جتي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ عزادار ايندا رهيا. هندستان جي علائقي ‘يوپي’ ۽ ‘سي پي’، عراق ۽ ايران جي ساحلي پٽيءَ کان آيل عزادار، خيرپور جي سرزمين تي قدم رکڻ کانپوءِ سدائين لاءِ رهي پيا، جن کي خيرپور ميرس جي مٽيءَ مانُ ڏئي پنهنجي سيني تي سمهاري ڇڏيو. هونءَ ته سنڌ سموري، مهمان سادات جي آمد سان ڀري پئي آهي، جيڪي پنهنجي وطن کان هجرت ڪري هت آيا ۽ سنڌ جي مٽيءَ ۾ سمائجي ويا. پنهنجي جنم ڀومي، اباڻا ڪک ڪوبه ماڻهو سک کان ناهي ڇڏيندو. سادات سنڌ کي، امن، اجھي ۽ عزت ڀري نگاهه سبب پنهنجو مسڪن بڻايو.

                 بزرگ، اوليائن، فقيرن ۽ عزادارنِ مظلوم ڪربلا، سنڌ کي محبِ حسين (عه) جي سرزمين سمجھي آستانو بڻايو. هرات، مروند، عراق، نيشاپور ۽ ايران جي ساحلي پٽيءَ کان آيل سيد علي شاهه نقوي، سن 1901ع ۾ خيرپور رياست، ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ جھنگو ۾ پکڙا اڏي آباد ٿيا. هن وقت سندن پنجين پشت مان سيد جعفر علي شاهه نقوي اتي رهائش پذير هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کان وڇڙي ويو. سندس آستاني جي اڱڻ ۾ بزرگن ۽ ڀائرن جون مزارون آهن. آستاني جي هڪ طرف ‘خيما گاهه ڪربلا’ قائم آهي. جتي زيارتون رکيل آهن.

عمر گذري هي اسي دشت ڪي سياحي مين،

پانچوين پشت هئي شبير ڪي مداحي مين.

سيد جعفر علي شاهه نقوي، سان پهرين ملاقات قمر عباس لنڊ جي معرفت 29 مارچ 2023ع بمطابق 7 رمضان 1444هه ٿي. هن مختصر ڪچهريءَ ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون ڪري ورتيون سين. وڻن جي چوٽين تان لهندڙ سج جي روشنيءَ ساٿ نه ڏٺو ته سيد کان ٻانهون ٻڌي موڪلايوسين، ان اميد سان ته ٻيهر اهڙي ئي جذبي ۽ نيڪ تمنائن سان ملنداسين.

سيد جعفر علي شاهه، جو بزرگ سيد علي شاهه نقوي، پيشي جي حوالي سان وڏو آرڪيٽيڪچر هو. فنِ تعمير جي حوالي سان وٽس وڏي مهارت ڄاڻ هئي. پاڻ ايران ۾ سرڪاري ملازم هئا. هت رياست خيرپور، سندس فني خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ 1901ع ۾ سرڪاري (طور) حڪم نامي سان گھرايس. کانئس پهريون خدمتون ‘فيض محل’ خيرپور لاءِ ورتيون ويون. سيد علي شاهه نقوي کي هتان جي موسم، ماڻهو، آبهوا ۽ عزادار، امن، محبت، سک ۽ سلامتي ڏاڍو متاثر ڪيو. پاڻ هميشه لاءِ هت رهڻ جو فيصلو ڪيائون. پاڻ رياست خيرپور کان تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ جھنگو ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

سيد جعفر علي شاهه نقوي جو جنم سيد مظفر علي شاهه نقوي جي گھر جھنگو ۾ سن 1912ع ۾ ٿيو. سادات عزادار گھراڻي جو فرد هئڻ ناتي سندس عزاداري سان گهري دلچسپي هئي. سنڌ ۾ تحفظِ عزاداري ۽ تقدس امام بارگاهه لاءِ پاڻ ارپيندڙ سيد امام علي شاهه ڪاظمي (گمبٽ) جي ساٿ ۾ 12 سالن جي ڄمار ۾ 1968ع کان سلهاڙجي ويو. پاڻ ڏسيائين ته: “12 هن سالن جو هئس ته، منهنجي ٻانهن والد صاحب بابا سيد امام علي شاهه حوالي ڪئي.” سيد امام علي شاهه جي محبت، عزاداريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي عشق ۾ اهڙو رنگي ڇڏيو جو اڄ تائين خمار ۾ آهي. هن عزادار سيد پنهنجي سڄي حياتي عزاداري امام مظلوم کي ارپي ڇڏي. سيد جعفر علي شاهه، جھنگو ۾ ماتمي انجمن ‘پاسبانِ حسيؑن’ قائم ڪئي جنهن جو پاڻ تاحيات سرپرست آهي. جيڪا اڄ تائين علائقي ۾ فروغِ عزاداري جي سلسلي  ۾ سرگرميون جاري رکندي اچي. پاڻ بهترين ماتمي سان گڏ نوحا خوان ۽ شاعر پڻ هو. هن بين الاقوامي تعلقات ۾  ايم اي 1985ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي.

سيد علي شاهه نقوي کي 4 فرزند هئا: خورشيد (تنوير نقوي)، نَوا نقوي، غضنفر نقوي، سيد مظهر علي شاهه نقوي. خورشيد نقوي مشهور فلمي شاعر هو، جنهن انڊين ۽ پاڪستاني فلمن لاءِ گيت ۽ گانا لکيا.   مذهبي پروگرامن لاءِ نعت رسول خدا پڻ لکيائين. سندس تخلص ‘تنوير’ هو. سندس  مشهور نعت آهي: “يثرب ڪي والي ، ساري نبي تيري، در په سوالي، شاهِ مدينه”. نَوا نقوي مصور هو، غضنفر نقوي بيوروڪريٽ هو. رياست خيرپور جو   آءِ جي هو. سيد مظهر علي شاهه نقوي پرنسيپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج خيرپور ميرس هو.

سيد جعفر علي شاهه، ڪجهه وقت کان فالج جي عارضي ۾ مبتلا ۽ عمر رسيده هئڻ باوجود به سندس حوصلا بلند هئا. پاڻ فخر سان چيائين ته، اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي جو اسان جي تنظيمي پرورش مجاهدِ ملت سيد امام علي شاهه ڪاظمي جي هٿن ۾ ٿي. سندس آئيڊيل شخصيتن ۾ سينيئر ساٿي ڀائو الهه دادا خان لنڊ، نور محمد لغاري ۽ صلاح الدين (وڪيل) هئا.

سيد جعفر شاهه، جو پنهنجي علائقي جي عزاداريءَ ۾ ڀرپور ڪردار رهيو. ساڻس اڃان ڪا ڀرپورڪچهري ڪرڻي هئي پر حياتي ساٿ نه ڏنس. گمبٽ گمس ۾ پنهنجي جيون ساٿي جي علاج لاءِ ترسيل هئس ته، جابر عباس ملاح سائين جعفر علي شاهه جي وڇوڙي جي خبر ٻڌائي ته اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

ٻيهار به ملنداسين،

ڪنهن دور ستاري تي،

ٽيهار به ملنداسين.