اچو ته ٿوري روشني ڪاموري تي به وجهون…

0
118
اچو ته ٿوري روشني ڪاموري تي به وجهون...

 (هيٺ ڄاڻايل فضيلتون جنهن به ڪاموري ۾ نه آهن، ان جو هن ڪالم سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ نه ڪو هي انهن جي باري ۾ آهي.)

                 جيئن ٻڪرين ۾ ڪاموري ٻڪري اعليٰ نسل جي ٻڪري شمار ڪئي وڃي ٿي، بلڪل ائين وري ڪامورن ۾ سيڪريٽري کي به اهڙي ئي فضيلت حاصل آهي. هن جنس جي شروعات خاص صورتن ۾ سيڪشن آفيسرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان ٿيندي آهي ۽ عام حالتن ۾ هي ڪلارڪي کان ترقي جون منزلون طئه ڪندي انهيءَ ڪرسي تي پهچندا آهن، جتي پهچڻ کان پوءِ سندن هڪڙو پير پنهنجي کاتي ۾ هوندو آهي ته ٻيو پير قبر ۾ هوندو آهي پر انهيءَ هوندي به رشوت جي حوس پنهنجي اوج ۽ عروج تي هوندي آهي.

                 جنهن به ڪاموري کي پئسا وٺڻ جو فن نه هوندو آهي، انهيءَ کي سياستدانن کان وٺي سندس هم منصبن ۽ ماتحتن تائين سڀئي نااهل سمجهندا آهن ۽ انهيءَ جي نوڪري جو سمورو عرصو.بنا ڪنهن پوسٽنگ جي عزيزن، دوستن پاران نااهلي جا ڀاشڻ ٻڌندي  گذري ويندو آهي. هن ناياب جنس ۾ به بنيادي طور تي اهي ٽئي ڪمزوريون موجود هونديون آهن، جيڪي ٻين مختلف کاتن ۾ موجود ڪامورن ۾ هونديون آهن. پئسو انهن جي خاص ڪمزوري هوندو آهي، اهو جتان جيئن به ملي، اهو هٿ ڪرڻ لاءِ هي سر ڌڙ جي بازي لڳائيندو رهندو آهي. باقي ٻن ڪمزورين جو تعلق صحت ۽ صنف سان آهي، جن جي حاصلات لاءِ هنن جي عمر ڀِتين تي حڪيمن جا اشتهار پڙهندي گذري وڃي ٿي پر ڪٿان به ڪي ڦڪيون فرق نه ڪنديون آهن. ڪامورو عام ماڻهو ۽ هيٺين ملازم لاءِ اصل شينهن هوندو آهي پر اهو ساڳيو گهر ۾ ڪڪڙ، وزير سامهون ڀولڙو ۽ لانگ بوٽن آڏو پڇ لٽڪائو هوندو آهي. هي نشانيون انهيءَ ڪاموري ۾ هونديون آهن، جيڪو نڪ جي پڪائيءَ سان پنهنجي انهن خاصيتن تي فخر محسوس ڪندو آهي. اهڙي قسم جي ڪامورن جو منهن هميشه سُڄيل نظر ايندو آهي، سندن آفيسن ۾ جيڪڏهن ڪو سائل غلطي سان داخل به ٿي ويو ته انهيءَ کي ڏاڙهي وجهندا آهن پر جيئن ته صنف نازڪ صاحبن جي پهرين ڪمزوري هوندي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن سندن آفيس ۾ اهڙا قرب جا قدم پوندا آهن ته سندن واڇون ٽڙي پونديون آهن.

معاف ڪجو، اگر اتفاق سان اوهان هي قصو پڙهي به رهيا هجو ۽ اوهان جو تعلق به سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڪامورڪي جنس سان سان آهي ته اوهان هنن لفظن کي درگذر ڪري ڇڏيو، ڇو ته آئينو ڪنهن ٻئي جو آهي، جيڪو غلطي سان اوهان جي سامهون اچي ويو آهي. اهڙن آئينن کي سئو ٽڪرا ڪبو ته به آدمي انهيءَ ۾ اڪيلو ئي نظر ايندو. انهن خصلتن واري ڪاموري جي زندگي آخر ۾ ائين گذرندي آهي، جيئن انهيءَ رٽائرڊ ڪمشنر جي ٿي گذري، جيڪو نالي وارو ڊپٽي ڪمشنر ٿي گذريو هو ۽ جنهن به ضلعي ۽ عهدي تي رهيو ته هن اتي هڪ عدد حق نڪاح ضرور ڪيو. آخري شادي هن تڏهن ڪئي، جڏهن ڪجهه مهينا سيڪريٽري رهڻ کان پوءِ هو رٽائر ٿيو. هو جيترو عرصو به ڪرسي تي رهيو، هن خوب مال ڪمايو ۽ خلق کي رت ڪيو. سندس ڪرتوتن ۽ ڪارنامن جي بدلي اوڙو، پاڙو، عزيز ۽ ماتحت هميشه کيس بددعائون ڏيندا رهيا، سواءِ ڊرائيورن ۽ ڪجهه خاص ملازمن جي، جن جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ هيون. دادلي زهراڻي جو ناول دنيا “دم دريا” اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي.

هن مخلوق کي سنڌ ۽ قوم صرف تڏهن ياد ايندا آهن، جڏهن سندن پوسٽنگ نه هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ سندن قومي غيرت جا سبق ٻڌڻ جهڙا هوندا آهن. ڌرتي ڌڻين سان سرڪاري نوڪرين ۾ ڪهڙيون جٺيون ٿين ٿيون؟ ڪهڙي طريقي سان هڪ سازش تحت ڌرتي جا حق اقتدار جي ايوانن ۾ پائمال ٿين ٿا؟ اهي داستان هو انهن پورن ڏينهن ۾ تيستائين رٽيندا رهندا آهن، جيستائين سندن نئين  پوسٽنگ نه ٿي ٿئي ۽ جڏهن پوسٽنگ ٿي وڃي ته پوءِ هو پنهنجي انهيءَ پراڻي ڪاري ڪاروبار کي لڳي وڃن ٿا.

هن مخلوق جو ضمير غائب هوندو ۽ فعل جاري هوندو آهي. رشتا، واسطا، انسانيت هنن جي سامهون ڪا به اهميت ۽ معنيٰ نه رکندا آهن، هنن لاءِ سڀ ڪجهه پئسو هوندو آهي. بلڪه هنن جي قوم، مذهب ۽ زبان پئسو ئي هوندو ۽ اها ٻولي کين جلدي سمجهه ۾ ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنن جي حلقهء احباب ۾ اهڙا ئي پئسي جا پٽ پٽيوالا، ڪلارڪ، پي اي، صحافي، سماجي ورڪر ۽ سياسي ڪارڪن ڦرندا رهندا آهن، جن جي مدد سان هو مال پاڻي جو سلسلو جاري و ساري رکندا آهن. ان مخلوق کي عمر جي آخري ڏينهن ۾ آخرت ياد ايندي آهي ۽ هو ورد وظيفن وسيلي پنهنجو پاڻ کي متقي ۽ پرهيزگار ڪري پيش ڪندا آهن. ان مخلوق کي چار چنڊ ته تڏهن لڳي ويندا آهن، جڏهن هو ڪاموري هئڻ سان گڏ اديب، شاعر، دانشور، نقاد يا پراڻا قومي ڪارڪن به هجن.

اهڙي ڪاموري مان هر قسم جي اميد ڪري سگهجي ٿي ۽ هو پنهنجي خسيس مفادن جي حاصلات لاءِ ڪنهن به حد تائين ڪري سگهي ٿو. پنهنجي شوبازي ۾ هي سرڪس جي مسخرن کي مات ڏيڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. اهڙن ڪامورن جا نالا نه به کڻجن ته سندن شڪليون پڌريون هونديون آهن ۽ هر ڪو انهن کي سڃاڻي، ڇو ته حرام جي ڪمائي مان پنهنجي فيملين کي ملڪ کان ٻاهر موڪلي پاڻ هتي سنڌ سنڌ جي تسبيح سوريندا ۽ سنڌ وڪڻندا نظر ايندا آهن.

ڪم ظرفي جي آخري حدن کي پهتل هن مخلوق مان به ڪي اهڙا عظيم ماڻهو پاڻ بچائي نروار ٿيندا آهن، جن تي وطن ناز ڪندو آهي ۽ اهي ئي ماڻهو قوم جو اصل سرمايو به هوندا آهن پر افسوس اهو هوندو آهي ته اهڙن گوهر ناياب فردن جو هن سماج وٽ ڪو قدر نه هوندو آهي ۽ هو پنهنجي پلئه ۾ سچ جا موتي آڇيندي به شرمنده پيا ٿيندا آهن.