ميونسپل آفيسرن جي امتحان

۾ ميرٽ جو نڪتل جنازو!

ھونئن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سفارشي ۽ سندن کيسا گرم ڪندڙ اميدوارن کي پاس ڪرڻ جا الزام لڳندا رھيا آھن، جنھن ۾ گھڻي ڀاڱي صداقت به آھي، جنھن ڪري سنڌ ھاءِ جي حڪم تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لڳ ڀڳ ٻه سال بند رھي ۽ ان تحت ٿيندڙ ٽيسٽون رڪيل ھيون پر ڪميشن تي پابندي لھڻ شرط سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  سنڌ حڪومت جي آشيرواد ۽ ملي ڀڳت سان ميونسپل آفيسرن جي 17گريڊ جي آيل سيٽن ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍندي تحريري امتحان ۾ 90  کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ محنتي ۽ غريب اميدوارن کي انٽرويو ۾ ڄاڻي واڻي فيل ڪري انھن جي جاءِ تي  پنھنجن ۽ پ پ جي سياسي ڀوتارن جي ويجھن مٽن مائٽن ۽ ساٿين کي پاس قرار ڏئي ڇڏيو آھي، جنھن تي ڏينھن رات ھڪ ڪري 90 مارڪون کڻندڙ اميدوار ساڃانھ ون نھايت پريشان آھن، اڳي به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون نوڪريون پئسن عيوض وڪڻن يا سياسي ڀوتارن کي ڏيڻ جا الزام لڳندا رھيا پر گھٽ ۾ گھٽ 80، 90 مارڪون کڻندڙن کي نوڪري ملي ويندي ھئي، مطلب ته ڪجھه نه ڪجھه ميرٽ ۽ ڪجھه سفارش ۽ پئسو لڳايو ويندو هو پر ھن ڀيري ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ جون خبرون ٻڌڻ ۾ پيون اچن، ھن چٺي ذريعي سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي گذارش ٿي ڪجي ته ھن معاملي جو جلد ازجلد نوٽس وٺي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪو ذميوار نڪري ان کي سزا ڏني وڃي ۽ ميرٽ تي مارڪون کڻندڙن کي انصاف ڏياريو وڃي. ‎

مجاھد لغاري مسڻ وڏي/ ٽنڊوالھيار

 

گوسڙو ماستر ۽ داءَ تي لڳل سنڌ جو مستقبل!

تازو بدين ضلعي جي تعليم کاتي جي مانيٽرنگ اينڊ ايوولوئيشن ڊپارٽمينٽ هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب ضلعي اندر 232 اهڙا استاد آهن جيڪي عادي گوسڙو آهن. اهي مهينن جا مهينا اسڪول نٿا وڃن ۽ پنهنجي اسڪولن تي 5 کان 7 هزار رپين ۾ ڪنهن انٽر پاس غريب بيروزگار کي لڳائي ڇڏيو اٿن، جيڪو اتي ڊيوٽي ڪري ٿو ۽ هي گوسڙو مزي سان سرڪاري پگهار به کڻن پيا ۽ پنهنجي ٻين ذاتي ڪاروبارن کي لڳل آهن. انهي کان سواءِ 1405 اهڙا استاد آهن جيڪي ڪجھه ڏينھن وڃن ٿا ته ڪجهه ڏينهن گسائين ٿا. يقينن اهڙي قسم جي صورتحال سڄي سنڌ ۾ هوندي، هڪ طرف نعرو هنيو ٿو وڃي “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” ته ٻئي طرف صورتحال اها آهي ته گوسڙو استادن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو راڄ ويٺل آهي، جيڪي نظام کي هلڻ ئي نٿا ڏين. سياسي مداخلت ٻين شعبن جيان تعليم کاتي کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. افسوس جي ڳالھه اها آهي ته اهڙن گوسڙو استادن کي سندن نام نهاد استادن جون تنظيمون به سهارو ڏين ٿيون. جڏهن به ڪا ادارتي ڪارروائي ٿئي ٿي ته تنظيمون تعليم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪريو وجهن ۽ مجبورن انتظاميا کي جهڪڻو پوي ٿو، بدين جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته اهڙن گوسڙو ماسترن کي في الفور نوڪرين تان هٽايو وڃي، غير حاضري واري عرصي دوران سرڪار کان جيڪي پگهارون کنيون اٿن اهي واپس وٺي انهن اسڪولن تي خرچ ڪيو وڃي. انتظار ۾ ويٺل ڪافي نوجوانن کي آرڊر جاري ڪري انهن گوسڙو ماسترن جي جڳھه تي مقرر ڪيو وڃي. ضلعي جي تعليمي نظام مان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وڃي، لاپرواهي ڪندڙ تعلقا ايجوڪيشن آفيسرن کي ڊسمس ڪيو وڃي، جن جي نااهلي سبب ايترا ماستر اسڪول خالي ڇڏيو مستيون ڪندا رهيا. مجموعي طرح سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت کان سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن سنڌ تعليم جي ميدان ۾ ٻين قومن سان مقابلو ڪري سگهي.

جبار حبيباڻي/ علي ٽائون، بدين