اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم آيف نون ٽئڪس ادا ڪندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف پاڪستان کان ايندڙ 10 مهينن جو ٽيڪس پلان به طلب ڪري ورتو. ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي ويئي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيو ته هلندڙ سال 12 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي، وڌيڪ 10 لک ماڻهن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي، کين پهرئين مرحلي ۾ نوٽيس اُماڻي رهيا آهيون، ٻئين مرحلي ۾ سندن نالي تي رجسٽرڊ موبائيل فون سم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا، ايف بي آر پاران هلندڙ سال ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، ايف بي آر موجب آءِ ايم ايف کي موجوده مالي سال جو 9 هزار 415 ارب جو ٽيڪس هدف پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ 2 هزار 748 ارب ٽيڪس جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته باقي 6670 ارب ٽيڪس جون 2024ع تائين جمع ڪيو ويندو، ايف بي آر ٽيڪس شارٽ فال جو امڪان به رد ڪيو، آءِ ايم ايف نئين مطالبن تي ايف بي آر پاران رپورٽ ايندڙ هفتي پيش ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين دوران عالمي مالياتي فنڊ ايندڙ 10 مهينن جو ٽيڪس پلان طلب ڪري ورتو، ٽيڪنڪي سطح تي ڳالهين جي ٻئي سيشن ۾ پهرين ٽماهي جي اقتصادي انگ اکرن جو جائزو ورتو ويو، ايف بي آر ٽيڪس وصولين تي تفصيلي بريفنگ ڏني، آءِ ايم ايف معاشي ٽيم آڏو مطالبا رکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڳالهين دوران ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ 49 لک کان وڌائي هڪ ڪروڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.