ٽهڪن ۾ ٽانڊا … عبرتناڪ خوابن جون خطرناڪ خبرون!

0
101
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... عبرتناڪ خوابن جون خطرناڪ خبرون!

 “پنهنجي اخبار” جي گذريل ڪالم ۾ مون لکيو هو ته ڪاش مان ڪڪڙ هجان ها! الله سائين کي منهنجي حسرت وڻي وئي، سو خواب ۾ ڏٺم ته آئون سچ پچ ڪڪڙ ٿي ويو آهيان. مون پنهنجي مٿان پيل رلي لاٿي، ڀر واري کٽ تي طوطن ماءُ ستل هئي. سوچيم اها جي جاڳي پئي، مون کي ڪڪڙ ڏسي هڻندي لٺيون، جو آئون بستري تي وٺيون نه لاهيان. سو مون گهر مان فرار ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻاهرئين در جي چاٻي کڻي ويس تالو کولڻ پر هٿن جي جاءِ تي کنڀڙاٽيون اچي ويون. سو تالو ڪيئن کلي؟ ڊوڙي وڃي چاٻي طوطن ماءُ جي سيراندي کان رکي آئون واپس آيس. کنڀڙاٽيون کولي اڏامي لوڙهو ٽپي ٻاهر آيس. ڳوٺ جي مرڪزي اروڙيءَ تي ڏٺم ته جام ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون موجود هيون، تن مون کي ڌاريو ڪڪڙ سمجهي اچي نعرا هنيا: “گو افغاني گو! …گو بنگالي گو! …گو برمي گو! … گو بهاري گو!” نيٺ هنن مون سان جهيڙو شروع ڪري ڏنو. چيومان ته بابلا آئون ڌاريو ڪو نه آهيان. توهان جي پاڙي جو آهيان. بابا دوسڻ دوسنائي جو پٽ آهيان. الله سائين مون کي ماڻهوءَ مان ڪڪڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اهو ٻڌي اهي ٿڌا ٿيا ۽ مون کي ڪوڙو ڊوميسائل ٺهرائي پنهنجي قبيلي ۾ شامل ڪيائون. ان قبيلي ۾ ڳاڙهن کنڀن واري ڪڪڙي مون کي وڻي وئي. مون کيس دوستي رکڻ لاءِ منٿون ميڙون ڪيون پر هوءَ مغرور مڃي ئي نه! نيٺ مو ن کيس پراڻو گانو ٻڌايو: “محبوب ميري او محبوب ميري، تو جو نهين هي تو ڪڇ ڀي نهين هي،

محبوب ميري او محبوب ميري!”

ابا گانو ٻڌي ڪڪڙي ٺري پئي. اچي منهنجو پاسو ورتائين. مون خوشي مان نچي ٽپي کيس ڦيرا ڏنا ۽ چوڳو کارايو. پوءِ ته اسين ليلا مجنون وانگر پڪا دوست ٿي وياسين. خوب پيار ڪيوسين. نيٺ ڪڪڙي آنا لاٿا، پوءِ آري تي ويٺي. چوڏهن چوزا ڄڻي پوءِ ميدان تي آڻي ڏاڍي سهڻي صفا اداڪاره شبنم پئي لڳي. مون کيس پيار سان ڏٺو ته مون سان ائين نفرت پئي ڪري، جهڙو آئون ولين مصطفيٰ قريشي هجان. مون کي به ٻروچڪي غيرت اچي وئي. مون کيس طلاق ڏئي ڇڏي. وري هڪڙي ڦلڙي ڪڪڙي مون کي وڻي وئي پر اها ڪا وڏي خاندان جي هئي، سا مون مسڪين کي لفٽ ئي نه پئي ڪرائي. مون کيس نصرت فتح علي خان جو ڪلام ٻڌايو،

“غم هي يا خوشي هي تو

ميري زندگي هي تو!”

ابا گانو ٻڌي ڪڪڙي مون سان ٺهي وئي. اسان ٻنهي گڏجي خوب ڊانسون ڪيون، پيار ڪيو. هن ڀٽاري وري وڃي آنا لاٿا، آرو ڪيو ۽ چوزا ڄڻي انهن کي چڳائڻ لڳي. مون کي نو لفٽ ڪري ڇڏيائين. وري هڪڙي ٺپ ڪاري ڪڪڙ مون کي عاشقانه نظرن سان ائين ڏسڻ لڳي، جهڙو گذريل جنم ۾ منهنجي جيون ساٿي هجي! مون کيس سنڌي ڪالم ٻڌايو،

“مون ڏي نيڻ نه کڻ! مون ڏي نيڻ نه کڻ! دنيا ڏاڍي آهي ساڙولي.

ڏيندئي ڪانه ڏسڻ!

مون ڏي نيڻ نه کڻ!”

ابا ڪلام ٻڌي اها مون تي ائين عاشق ٿي پئي جهڙو آئون اداڪار محمد علي هجان ۽ هوءَ زيبا هجي. ائين ڏينهن جو ڏاڍا عشق ٻشق ڪري رات جو آئون وڃي گهر جي اڳيان بيٺل گيدوڙيءَ جي ٽار تي مزي سان سمهندو هئس. هڪ دفعي اسان واري ڇاپرائين اوطاق ۾ بابا جو سڳورو فقير ڇمڻ ڇنڊڪار اچي نڪتو، سو مست  ماڻهو هو ۽ موالي هو. تنهن  جڏهن چرس آفيم ۽ ٺرو پيتو ته ٽن ٿي بابا کي چيائين ته مون کي هاڻي ديسي ڪڪڙ جو ٻوڙ کپي. گهر ۾ ٻيو ته ڪڪڙ ڪو نه هو، سو بابا اچي مون کي گيدوڙي جي ٽار تان جهليو. الهندي طرف منهن ڪري پيرن تي لت رکي، ڳچي تي ڇري رکي ڪهڻ لڳو. مونکي اهڙو سور ٿيو جو اچي رڙيون ڪيم ۽ ننڊ مان جاڳي پيس. طوطن ماءُ به رڙين تي جاڳي پئي تنهن چيو مئا وري ڇا ٿيو؟ چيم خواب ۾ ڪڪڙ ٿي ويو هئس، بابا مون کي ڪٺو پئي ذري تان بچي ويس. چيائين مئا ڪسجي وڃين ها ته مون مسڪين جي تو جهڙي بکئي مڙس مان جان ڇٽي پوي ها. اهو ٻڌي مون کي اهڙي تڪليف ٿي جو ڳالهه نه پڇو. جهڙو تيز پيشاب لڳو هجي ۽ اڳٺ کي ڳنڍ اچي وئي هجي. چيومانس آئون مري وڃان ها ته تون وري مئدم نورجهان وانگر ٻي شادي ۽ ٽي شادي ڪرين ها. چيائين شرم ڪر، آئون تو جهڙي ٿرڊ ڪلاس خاندان جي ڪا نه آهيان. تنهنجي مرڻ کانپوءِ بيواهه ٿي وڃان ها ته مون کي بينظير وارو ڪارڊ ملي ها. اوڙي پاڙي کان زڪوات، خيراتون ۽ صدقا ملن ها. هيئن بک نه مران ها. سندس ڳالهه صحيح هئي.

ٻئي ڏينهن مون سوچيو ته مون کي ڪو نه ڪو ڌنڌو ڪرڻ کپي. پاڙي ۾ همراهه ٻانهن ۾ ٻه پلاسٽڪ جا ڍيرا ويڙهي هوڪو ڏيندا هئا. کٽ واڻايو کٽ. آيو کٽ واڻڻ وارو! مون به شهر مان وڃي ٻه پلاسٽڪ جا ڍيرا ورتا ۽ هوڪو ڏيڻ لڳس. مون کان کٽ وارو لفظ وسري ويو. مون هوڪو ڏنو لٺ هڻايو لٺ! آيو لٺ هڻڻ وارو! اهو ٻڌي ماڻهو مونکي ڦري آيا. چيائون تون ٿيندو ڪير آهين اسان کي لٺ هڻڻ وارو! ڏاڍي مار ڏيئي ڍيرا ڦري ورتائون. پوءِ مون کي ڳوٺ جي هڪ ڏاهي چڀڙ چرياڻ صلاح ڏني ته پراڻن دوستن کان قرض وٺي وڏو ڪو ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور کول. منهنجا پراڻا دوست جن کي ڏکئي وقت ۾ آئون ڪم آيو هئس، سي وڏا ماڻهو وڏين اسپتالن وارا وڏا ڊاڪٽر ٿي چڪا هئا. آئون پٽڪو ٻڌي انهن کان قرض وٺڻ ويس. انهن جا عظيم نالا هئا: ڊاڪٽر کنڌي جام کهاڻي، ڊاڪٽر ويکا جام چئو آکاڻي، ڊاڪٽر بند درنان کاڌا، ڊاڪٽر خسي کلا ڦريسي، نان ٽانڊو ۽ ٻيا به ڪيئن هئا. ڪن مون کي ٺپ جواب ڏنو، ڪن مون کي شنوايون ڏئي ڪئين پنڌ ڪرايا پر ڏنائون ٽڪو به ڪونه. آئون زندگي مان مايوس ٿي ويس، گهر ۾ بک جون باهيون هجن، طوطن ماءُ جا دڙڪا دهمان، ڪڙڪا صفا رنگيلي جهڙو ٿي ويس.

رات جو خواب ۾ ڏٺم ته آئون گهر ڇڏي جهنگ ۾ هليو ويو آهيان. اتي ڀولڙن وانگر وڻن جا پن، گونچ ۽ ميوا کائي پيٽ پيو پاليان. اوچتو  مون کي هڪ جهنگلي زيتون جو وڻ ڏسڻ ۾ آيو. مون زيتون کائي پيٽ ڀريو ۽ اڌ مڻ کن پٽي اچي پنهنجي ٺڪاڻي تي رکيم. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ هڪ شاهي پکي اچي پهتو. چيائين: آدم جا اولاد مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ڪجهه کاراءِ! مون کيس اڌ مڻ زيتون ڏنا ته کائي ڏاڍو خوش ٿيو. پيٽ ڀري ڏاڪار ڏئي چيائين ته، منهنجي لاءِ ڪو حڪم هجي ته حاضر آهيان. چيومانس آئون پاڪستان جي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني مان بيزار ٿي پيو آهيان. مون کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڇڏي اچ. هن چيو حڪم توهان جو آقا…! پوءِ آئون هن جي پٺن تي چڙهي ويٺس. هن اچي مون کي فلسطين جي ڀرسان غزه ۾ لاٿو. هو ته اڏامي ويو پر مون ڏٺو ته غزه ۾ قيامت خيز منظر هئا. غزه ۾ اسرائيل جي ڇتي بمباري جاري هئي. نه فقط گهر پر اسپتالون، مسجدون، اسڪول ۽ پناهه گاهون به محفوظ ڪو نه هيون. ڏهن هزارن کان مٿي فلسطيني شهيد ٿي چڪا هئا. انهن ۾ چار هزار کان مٿي معصوم ٻار، ٽن هزارن کان مٿي عورتون به شامل هيون. مون کي انساني جوش چڙهي ويو. هڪ فلسطيني کان بندوق وٺي اسرائيل ۾ ڪاهي پيس. ڪئين اسرائيلي فوجي ماري ڇڏيم. اوچتو اسرائيلي فوجين مون کي هڪ مارٽر گولو اڇلي هنيو. آئون مرڻ کان پهرين ڦٿڪڻ لڳس ۽ رڙيون ڪيم ته جاڳي پيس. طوطن ماءُ چيو: مئا وري ڇا ٿيو؟ چيم: اسرائيلين سان جنگ ڪندي ذري گهٽ شهيد ٿيڻ وارو هئس پر ننڊ مان جاڳي پيس. چيائين: اجايو پاڻ کي دودو سومرو نه سمجهه، ماٺ ڪري پاسو ورائي سمهي پئو. آئون پاسو ورائي ستس پر سوچيم فلسطين جي چئوطرف مسلمان ملڪ آهن. پر پوءِ به الائي ڇو اتي روز ڪوس جاري آهي. مسلمان ملڪ آمريڪا ۽ برطانيا جي ڊپ کان خاموش آهن. ڪاش اهي جنگ جي ميدان ۾ لهي پون ته چند ڪلاڪن ۾ اسرائيل کي نيست و نابود ڪري ڇڏين. اهو خيال ڪندي مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد اچي ويو:

ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وِسهان،

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪندي سونهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.