دهشتگرديءَ جو وڌندڙ گراف

0
115
دهشتگرديءَ جو وڌندڙ گراف

 ميان والي ايئربيس مٿان ٿيل حملو دهشتگرديءَ جي نئين فيز جو آغاز سمجهڻ ڪيترو غلط ۽ ڪيترو درست آهي؟ مٿين سوال تي نه سوچڻ ان اٺ پکيءَ جي ايپروچ آهي، جيڪو واريءَ ۾ پنهنجي منڍي ڇپائي سمجهندو آهي ته صحرا ۾ سڀ سک آهي. ڪٿي ڪو طوفان ناهي. اها روش پاڻ کي دوکي ڏيڻ واري آهي. اهڙي روش جو ڪيتو اهو ڪبوتر به ادا ڪندو آهي، جيڪو ٻلي کي پنهنجي سامهون ڏسي اکيون ٻوٽي ڇڏيندو آهي. اسان جي نه سوچڻ سان مسئلو ختم ٿيڻ بدران وڌندو. تمام گهڻن تجربن کان پوءِ مغرب جا مهندار ملڪ ان نتيجي تي پهتا آهن ته پنهنجي ملڪ جي عوام کان ڪجهه به لڪائڻ نه گهرجي. ان کي ٻڌائڻ کپي ته انهن کي ڪهڙا نقصان پهتا آهن ۽ وڌيڪ ڪهڙن نقصانن جا خطرا گهنڊ وڄائين ٿا؟

                 آمريڪا دنيا جو تمام گهڻو طاقتور ملڪ آهي پر هن کي پنهنجو آئين ۽ قانون اها اجازت نه ٿو ڏئي ته حڪومت حقيقتن مٿان پردو وجهي پنهنجن ماڻهن کي انڌ ۾ رکي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ اها روايت اڃان تائين متعارف ئي نه ٿي آهي. اهوئي سبب آهي ته ان سلسلي ۾ اسان جا سينئر صحافي به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي سربراهن آڏو ان قسم جا سوال تمام ور وڪڙ ڏئي پڇا ڪندا آهن. جڏهن ته دهشتگرديءَ جو ڪو به واقعو لڪل ڇپيل نه هوندو آهي. دهشتگردن هٿان اڇلايل گرينيڊ ۽ هلايل گوليون بي آواز نه هونديون آهن. ان حوالي سان عوام کي اهو حق پهچي ٿو ته هن جي ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان جي باري ۾ هن کي علم هجي.

اها حقيقت هر انڪار کان اوچي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ 45 سالن کان وٺي دهشتگرديءَ جو دور هلي رهيو آهي. جڏهن کان روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون ۽ جڏهن کان پاڪستان عالمي طاقتن جي مدد سان سابق سوويت يونين خلاف ڪارروايون شروع ڪيون، ان وقت کان وٺي پاڪستان جي پٽ تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن تعداد ۾ انهن ويڙهاڪن جا پير پوندا رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن روس سان وڙهيا ۽ ان بعد پاڻ ۾ اٽڪيا ۽ پوءِ آمريڪا سان انهن جي طويل جنگ جو آغاز ٿيو. جڏهن ته پاڪستان مٿان به انهن جا خوني ۽ خطرناڪ حملا ٿيندا رهيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪڏهن انهن حملن ۾ تمام گهڻي تيزي ۽ شدت هوندي آهي ۽ ڪڏهن انهن جي رفتار توڙي انهن جو تعداد گهٽيل هوندو آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان دهشتگردن جي حملن جو ايترو ته شڪار ٿي ويو هو جو هڪ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه حملا به ٿيندا هئا. ان کان پوءِ ان ۾ جهڪائي آئي. وري ان ۾ واڌ پيدا ٿي. وري ڪجهه وقت جي وٿي ۾ عوام مٿان دهشت جا پاڇا نه پيا. جڏهن ته ڪجهه وقت کان وٺي هن دور ۾ دهشتگرديءَ جا در ٻيهر نه صرف کلي رهيا آهن پر انهن واقعن ۾ هڪ ته وٿي گهٽجي رهي آهي ۽ ٻيو ته انهن جي شدت ۾ مسلسل اضافو اچي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن ميان واليءَ واري ايئربيس جي ٿيل دهشتگرديءَ واري ڪارروائي ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اها حقيقت آهي ته دهشتگردن جو اهو حملو ان وقت ٿيو هو، جنهن وقت گوادر ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻيل اهلڪارن جي جنازي نماز پڙهي، انهن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان وقت ان قسم جي ڪارروائي ڄڻ ته پاڪستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ڪرڻ يا ان کي پريشر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ جهڙو عمل هو. ميان واليءَ ايئربيس تي دهشتگردن هٿان نقصان نه ٿيڻ تمام بهتر ڳالهه آهي پر اهڙي حساس هنڌ ۾ انهن جو داخل ٿيڻ نه صرف تشويشناڪ آهي پر ان مان اسان کي اهو پتو به پوي ٿو ته پاڪستان جي رياستي انٽيليجنس جو نظام وڌيڪ موثر هجڻ کپندو هو. ڇو ته جڏهن به جتي به ان قسم جو اوچتو حملو ٿيو آهي، ان جو سبب پهريان کان معلومات نه ملڻ ئي هوندو آهي. اهو درست آهي ته دنيا جو ڪو ملڪ ڪنهن به نقصان کي اڳواٽ جي علم سان روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ڇو ته آمريڪا جهڙو ملڪ به نائن اليون جي سلسلي ۾ لاجواب هو. جڏهن ته پنهنجي جاسوسيءَ واري سگهه تي ناز ڪندڙ اسرائيل مٿان حماس جو اوچتو زميني، هوائي ۽ سامونڊي حملو انهن جي ششدر ۽ شرمسار ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، جن کي موساد جي برق رفتار ڪارڪردگيءَ سبب ڪنڌ ۾ ڪلي هئي. ساڳي طرح سان هن ڀيري ته عرب ملڪ جون ايجنسيون به حيران ۽ پريشان هيون. ان حوالي سان اسان کي اها حقيقت معلوم هجڻ گهرجي ته ڪنهن به ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جو اهڙو منظم نيٽ ورڪ موجود ناهي، جيڪو هر واقعي کي رونما ٿيڻ کان اڳ ۾ روڪي سگهي پر پوءِ به جن جن ملڪن ۾ امن ۽ عوام کي مستقل طور تي خطرو رهي ٿو، اهي تِر جيتري بي خبري به افورڊ ڪري نه ٿا سگهن.

پاڪستان ۾ بلوچستان ۽ پاڪ- افغان سرحدي پٽي دهشتگرديءَ جو ماڳ رهيا آهن. ڪجهه وقت کان وٺي پاڪستان ۾ جيڪا دهشتگرديءَ وارن واقعن ۾ تڪڙي تيزي آئي آهي، انهن جا پيرا به انهن پهاڙن جي پاسي وڃن ٿا، جن پهاڙن ۾ دهشتگرد پناهه وٺن ٿا. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ توڙي ملڪ جي اقتداري سياست وارا صاحب سدائين اهو خيال پيش ڪندا رهندا هئا ته جڏهن به افغانستان ۾ امن قائم ٿيو ته پاڪستان ۾ مڪمل سڪون جو دور شروع ٿي ويندو. آمريڪا پاران افغانستان ڇڏڻ ۽ طالبان جو اقتدار ۾ اچڻ، پاڪستان لاءِ هڪ طرح تي سوڀ سمجهي وئي پر اسان جو ملڪ پنهنجي ان ڪاميابيءَ تي گهڻو وقت خوش ٿيڻ جو حق حاصل ڪري سگهيو. ڇو ته ٽي ٽي پي پاران ڪاررايون ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پناهه وٺڻ جو عمل پاڪستان جي لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ به هو ۽ ان تي اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي افسوس به هو. پر اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغان طالبان پاران پاڪستان سان امن امان جي سلسلي ۾ تعاون نه ڪرڻ وارو عمل اسان جي ملڪ ۽ ان جي مقتدر حلقن جي لاءِ تاريخي سبق سکڻ جهڙو آهي.

جنهن وقت پاڪستان ۾ اها تازي دهشتگرد واردات ٿي آهي، ان وقت نيپال ۾ زلزلي جا لوڏا انساني زندگين کي اجل جي آغوش ۾ اڇلائڻ جو سبب بڻيا آهن. جڏهن به جتي به ڪو ننڍو توڙي وڏو زلزلو  ايندو آهي ته زمين جي علم جا ماهر ۽ ميٽرولاجيڪل کاتي وارا اطلاع ڏيندا آهن ته ان زلزلي جو اصل ماڳ ڪهڙو هو. جهڙي ريت هر زلزلي جي اٿڻ جوڪو نه ڪو هنڌ هوندو آهي، تهڙي طرح هر دهشتگرديءَ جو به ڪو نه ڪو ماڳ مڪان هوندو آهي. هاڻي اهو ڪو راز نه رهيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪا به دهشتگردي ٿي آهي، ان جون لهرون ڪابل ۽ قنڌار جو پتو ڏينديون رهيون آهن. ان حوالي سان پاڪستان لاءِ اهو ضروري آهي ته جتان دهشتگرديءَ جي آمد ٿئي ٿي، اتان کان ان جي روڪ جو انتظام ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پاران افغانستان جي طالبان حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش به ٿي رهي آهي. ڇو ته هن دور ۾ جهڙي طرح افغان پناهگيرن جي پاڪستان مان ڪڍڻ جون منظم ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ان کان اڳ ڪڏهن به نه ٿيون هيون. ظاهر آهي ته هن مهل افغانستان جي طالبان حڪومت اقتصادي ۽ انتظامي حوالي سان ايتري سگهاري ناهي جو اها پنهنجن شهرين جي ايتري وڏي تعداد کي آسانيءَ سان سنڀالي سگهي. اهوئي سبب آهي ته طالبان حڪومت پاڪستان کي چوڻ شروع ڪيو آهي ته هو پنهنجي ان فيصلي تي همدرديءَ سان غور ڪري. پاڪستان پاران طالبان حڪومت سان تعاون صرف ان صورت ۾ ٿيندو، جنهن صورت ۾ افغان طالبان پاڪستان ۾ ٻيهر منظم ٿيندڙ مقامي طالبان مٿان اهو پريشر وجهن ته هو پنهنجي ان روش کي روڪين ۽ پاڪستان مٿان حملا نه ڪن. پر طالبان ان سلسلي ۾ صرف ٽياڪڙي ڪرائڻ تائين تعاون ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي وڌيڪ مدد گهرجي.

پاڪستان هن مهل گهڻ طرفي دٻاءَ ۾ آيل آهي. ملڪ مٿان سڀ کان گهڻو گهنگهر اقتصادي آهي. ملڪ مٿان مهانگائيءَ جو ديو جهڙي طرح مسلسل ڦيرا پائي رهيو آهي، اهو تمام گهڻو تشويشناڪ عمل آهي. پاڪستان ڪڏهن ته پنهنجي جاگرافي ۽ پنهنجي علائقي جي صورتحال سبب امدادن ۾ پلجندو هو پر سرد جنگ ختم ٿيڻ بعد پاڪستان کي اهي ادارا قرض ڏيڻ ۾ به ڪنجوسي ڪري رهيا آهن، جيڪي وجود ۾ ئي ان ڪري آيا آهن جو اهي دنيا جي انهن ملڪن جي مدد ڪن، جن سان معاشي مسئلا آهن. پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي حوالي سان جيڪي مصيبتون آڏو آيون آهن، انهن جي تازي تاريخ تمام گهڻي تلخ آهي. ڇو ته قرض وٺڻ جا هيراڪ حڪومتي نمائندا به آءِ ايم ايف سان ملاقات ڪرڻ بعد سدائين پنهنجن ڪنن جو پاپڙيون ڇهي اهو چوندا رهيا آهن ته آءِ ايم ايف اسان جي عزت نفس سان راند ڪري رهيو آهي. اهڙي معاشي صورتحال ۾ پاڪستان اندر جيڪو سياسي بحران پيدا ٿيو آهي، ان سبب بگڙيل حالتن جي شدت ۾ اضافو اچي ويو آهي. ان وقت جڏهن ملڪ ۾ نئين اليڪشن جو اعلان به ٿيو آهي ۽ سياسي پارٽيون نئين صف بنديءَ سان هڪ نئين دور جو آغاز ڪرڻ جي تياري ڪري رهيون آهن، ان وقت دهشتگرديءَ جي لهر جو اٿي پوڻ نه صرف تشويشناڪ پر انتهائي خطرناڪ به آهي. پاڪستان هن مهل اهڙي ان قسم جي بدامني افورڊ ڪري نه ٿو سگهي، جيڪا هن جي هيڻي حال مٿان بار وڌائڻ جو سبب بڻجي.

ملڪ جي سياسي پارٽين پاران دهشتگرديءَ جي ڪارروائين جي مذمت ڪرڻ ڪافي ناهي. ان سلسلي ۾ سياسي پارٽين کي پنهنجا نظريا پيش ڪرڻا پوندا ته هو ڪهڙي طرح ملڪ کي محفوظ بڻائي، عوام کي خطرن مان آجو ڪري خوشحاليءَ جي طرف وٺي ويندا. ان سلسلي ۾ هن مهل تائين ڪنهن به پارٽيءَ جو عملي موقف آڏو نه آيو آهي. جڏهن ته اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ امن امان جو بحران چهرن جي تبديليءَ سان ختم نه ٿيندو. ان لاءِ عوام ۽ سياسي توڙي رياستي ادارن جو گڏيل تعاون گهربل آهي. جيستائين ملڪ جي هر قوت هڪ هٿ جي آڱر وانگر مڙي مٺ نه ٿيندي، تيستائين سياسي بحران، معاشي بدحالي ۽ دهشتگرديءَ جو گراف وڌندو رهندو.