نااهلي، ليول پليئنگ فيلڊ ۽ شفاف چونڊن جو خواب

0
81
نااهلي، ليول پليئنگ فيلڊ ۽ شفاف چونڊن جو خواب

سپريم ڪورٽ طرفان چونڊن جي تاريخ واري اعلان سان هڪ طرف غيريقيني ۽ ابهام جو خاتمو ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان لاءِ به سيٽي وڄائي وئي آهي ته وقت گهٽ آهي. عمران خان جي نااهلي ختم ڪري چونڊن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ توشا خانا ڪيس مان بري ٿيڻ ضروري آهي. اهڙي ريت ميان نواز شريف کي ايوين فيلڊ ۽ العزيزيه ڪيس ۾ بريت گهرجي. ان کانسواءِ پاناما ڪيس ۾ به کيس نااهلي واري مشڪلات درپيش آهي. ان صورتحال جو مطلب اهو ٿو نڪري ته اعليٰ عدالتن جا ايندڙ فيصلا به پاڪستان جي سياسي صورتحال لاءِ اهميت جوڳا هوندا.

                 مسلم ليگ (ن) جو خيال آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع، جنهن ۾ پي ڊي ايم حڪومت 2023ع ۾ ترميمون ڪيون هيون ۽ نااهلي جو مدو پنجن سالن تائين محدود ڪيو ويو هو، ان جو ميان نواز شريف کي فائدو ٿيندو، البته ٻيون حريف جماعتون آسانيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ ڏينديون يا ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، تنهن جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته مسلم ليگ (ن) ٻين جماعتن ۽ اصل اقتدار ڌڻين کي ڪهڙي ريت راضي رکي ٿي. اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف زرداري ته اهو واضح نموني چئي چڪو آهي ته نواز شريف کي وزير اعظم ٿيڻ نه ڏيندس. مولانا فضل الرحمان جو ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ “قاصد” وارو ڪردار اهم آهي ته ڪيئن ڏي وٺ جي بنياد تي اهو کين راضي ڪري ٿو.

تحريڪ انصاف تان اڃان تائين ڪارا ڪڪر ناهن هٽيا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سپريم ڪورٽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري رهي هئي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان علاوه امين گنڊاپور جي لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن، جيڪي ٻئي خيبر پختونخوا ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سرگرم هئا. گذريل ڏينهن ۾ اسد قيصر جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي جو خيال هو ته انهن جي ڇڪتاڻ سان ٽين ڌر کي فائدو پهچي سگهي ٿو. انهن جو اشارو پرويز خٽڪ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي ڏانهن هو، جنهن جو مستقبل تحريڪ انصاف جي وکرڻ سان وابسته آهي. استحڪام پاڪستان پارٽي به هن وقت تائين ڏکڻ پنجاب ۾ ئي سرگرميون ڪري رهي آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان جون نگاهون اتي جي سيٽن تي آهن، جن تي پاڪستان پيپلز پارٽي به نظر رکيو ويٺي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترن ئي مهينن کان اها شڪايت ڪري رهيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته سڀني کي هڪ جهڙا موقعا نه پيا ڏنا وڃن. ان جي ترديد ۽ نفي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪري چڪو آهي، ان جو ته اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن جماعت کي هٿ وٺي اقتدار تائين پهچايو ته اهو ممڪن ناهي.

ليول پليئنگ فيلڊ جو معاملو ان وقت شدت سان اٿيو هو، جڏهن اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني کانپوءِ وطن واپس آيو. ايئرپورٽ تي ان جي آجيان کان وٺي ضمانت تائين جا منظر اهڙا رهيا، جن تي مخالف جماعتن اعتراض ڪيا. البته اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن وضاحت ڪئي ته ان کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي. بلوچستان ۾ قومپرست اڳواڻ اختر مينگل کي به اها شڪايت آهي ته کيس ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي، ايتري قدر جو انهن کي “وڍ” تائين محدود ڪيو پيو وڃي. هن وقت اهي هڪ ڀيرو وري 2008ع واري صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ان تي پنهنجي سردراي بچائڻ سان گڏوگڏ سياسي ورثي کي محفوظ رکڻ لاءِ دٻاءُ هو. هو مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم جي حڪومتن جو وفاقي سطح تي اتحادي پڻ رهيو آهي پر هر ڀيري هو مايوس ٿيو آهي. هن ڀيري به هو چئي رهيو آهي ته پي ڊي ايم کيس مايوس ڪيو. انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وزير اعظم ۽ سرفراز بگٽي جي وفاقي وزير بڻجڻ کانپوءِ بلوچستان عوامي پارٽي عرف “باپ” غير سرگرم نظر اچي پئي، ڇو ته نگران سيٽ اپ ۾ ايتري حد تائين حصي ملڻ کانپوءِ به اهو سوال پڻ اهم آهي ته ايندڙ سيٽ اپ ۾ به ان جو ڪو وڏو حصو هوندو يا وري ڪنهن جو اتحادي بڻجڻو پوندو. نگران سيٽ اپ کان اڳ انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ڄام ڪمال مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اهو تاثر جڙيو هو ته شايد اهي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي رهيا آهن پر ايئن نه ٿيو. تازو انهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات کي هنن ذاتي نوعيت جي ملاقات قرار ڏنو. اها حقيقت پڻ آهي ته ڄام ڪمال جو ڏاڏو ڀٽو دور ۾ وزير اعليٰ رهيو. لسٻيلي ۾ ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ رهيو آهي پر ايتري عرصي کانپوءِ ذاتي نوعيت جي ملاقات قرار ڏيڻ به سياسي بيان آهي.

چونڊن ۾ شفافيت ڪيئن برقرار رکي ويندي؟ ڇا رياستي اداراتي عمل دخل کي روڪيو ويندو؟ هر جماعت ۽ هر ووٽر آزاداڻي نموني ووٽ ڏيئي سگهندو ۽ ان جو نتيجو به ان بيلٽ باڪس ۾ حقيقي طور تي وڌل ووٽن جي نتيجي ۾ نڪرندو، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت لاءِ اهو هميشه چئلينج رهندو آيو آهي. 2018ع جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس ويهي رهيو ۽ نتيجن جو اعلان دير سان ڪيو ويو، جنهن شڪ شبهن کي جنم ڏنو. نتيجي ۾ سياسي جماعتن ۾ ڪيترن سالن تائين ڇڪتاڻ جاري رهي. اهو معاملو اتي ئي دنگ نه ٿيو هو. پوءِ ڪراچي جون ضمني چونڊون هجن يا ملڪ جي ٻين علائقن جي چونڊ، اتي به آر ٽي ايس غير فعال رهيو آهي، نتيجي جو اعلان دير سان ڪيو ويو. هن وقت نادرا جو چيئرمين فوج مان آندو ويو آهي، تنهنڪري ڪنهن به قسم جو نقص ان صورتحال کي ٻئي رخ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو.

اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ سان هڪ ٻي ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته نگران حڪومت جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي، نه ته اهو محسوس ٿي رهيو هو ته اهو سيٽ اپ ڊگهي عرصي لاءِ آندو ويو آهي، ڇو ته سنڌ هجي يا بلوچستان، ۽ وفاقي حڪومت جنهن طرفان ريت نجڪاري کان وٺي معدني وسيلن ۽ پاليسيءَ جا فيصلا اهڙي ئي نموني سان ڪيا پئي ويا. حالانڪه ماضيءَ ۾ نگران حڪومتن جو ڪردار هميشه محدود رهيو آهي. يقينن انهن کي اهو باور ڪرايو ويو هوندو ته توهان ڊگهي عرصي جي لاءِ آهيو، تڏهن ته اهي ان جوش ۽ خروش ۾ هئا. يقينن هاڻي انهن کي پنهنجي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.