ڳالهيون ڳنوارن جون … ساموئيءَ وارو گورستان ۽ ستين جو ميڙو

0
77
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ساموئيءَ وارو گورستان ۽ ستين جو ميڙو

 نئين نسل کي ڏسيندا هلون ته، ساموئيءَ جو علائقو ٺٽي شهر کان چار ميل اتر طرف مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي سيرانديءَ ۾ آهي. هن پٽ تان ڪنهن دور ۾ درياهه وهندو هو. سنڌو درياهه وهڪرو بدلائي ٺٽي جي ڏکڻ طرف کان وهڻ لڳو. هن پٽ تي ڪٿي چيڪا ته ڪٿي ٻهراٺا لٽ وجهي ويو. سمن ڄامن مان ڄام بابيني اول کي هي زرخيز زمين وڻي وئي ۽ ان کي سنڌ جي گاديءَ لاءِ منتخب ڪيائين ۽ شهر ٻڌايائين. هي شهر لڳ ڀڳ ٽي صديون آباد هو. ان کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٺٽي شهر ۾ پنهنجون حويليون تعمير ڪرايون. ساموئيءَ جو شهر زوال پذير ٿيڻ لڳو ۽ نيٺ ڦٽي تباهه ٿي ويو. موجوده دور ۾ هن علائقي ۾ جاکرن، خشڪن، مهاڻن، ٻيليچن، بڪڪن، لاکن، ناريجن، هالن ۽ کماڻن جا ڳوٺ آباد آهن.

                 هي ساموئيءَ جي پٽ تي مدفون شيخ جهنڊو پاتڻي، جنهن تي هي عاليشان قبو اڏيل آهي، اهو درياهه جي هن پتڻ جو پاتڻي هو. ٻيڙيءَ تي ماڻهن کي پتڻ پار اڪاريندو هو. ڪي جَتيون ستيون سومريون، ڪنهن جنگ ۾ قيد ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، جان بچائي لڪي نڪتيون. ڪنهن طرح هن ساموئيءَ واري پتڻ تي پهتيون. خدا جي ٻانهي ان جهنڊي پاتڻي امن امان سان انهن کي پار اڪاريو. لشڪري پويان اچي پهتا. ساموئيءَ جي ڌرتي انهن کي امان ڏيئي پنهنجي آغوش ۾ ورتو. ڪنهن خدا ترس انهن جون قبرون تعمير ڪرايون. ڏينهن پورا ٿي وڃڻ کان پوءِ جهنڊي پاتڻي جو مدفن به اها ساموئي جي زمين ٿي. ان تي به مقبرو اڏايو ويو. مونکي اها ڄاڻ ڪانهي ته مقبرو ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪنهن اڏايو. بهرحال اهي زيارت گاهون بڻجي ويون. سياري جي ڏينهن ۾ ستين جو ميڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿينديون آهن.

آئون پاڻ 1983ع جي سياري ۾ ڪميان ڪم ڪري مشاهدي خاطر اهو ميڙو ڏسڻ ويو هوس. ان وقت به شام ٿي چڪي هئي. آئون شام کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. ان ڏينهن سج ساموئيءَ جي ڄارين پويان ڌرتيءَ ۾، انهن جَتين ستين وانگر ٽٻي هنئي ته، پويان تارن جو جلوس نمودار ٿيو. ننڍڙا مختصر رانديڪڙن جا دوڪانڙا. هيٺ تڏن، پڙڇن واريون ننڍڙيون هوٽلون، جتي ننڍڙا ڪوپ ساسريون موجود هيون. اڳتي ديوي جي ڪاٺين جي تيز باهه تي تئي تي ديا ترجي رهيا هئا. اها ٻوڙ ماني به ننڍڙو هوٽل هئي. ان کان اڳيان شيدو گندري جي ٻاري هئي. شيدو گندرو ٺٽي جي مڇي مارڪيٽ جو وڏو واپاري هو. ٻڌائيندو هلان ته ٺٽي مارڪيٽ ۾ مڇيءَ جي ڌنڌي ڪرڻ وارا کوڙ سارا واپاري، آڙهيتي، دلال ۽ واڪ ڏيندڙ هوندا هئا. منهنجي واقفيت حاجي ناٿو مهاڻو جيڪو ڪنهن دور ۾ ٺٺي ميونسپل ڪميٽي جو وائس چيئرمين رهيو هو، صوفن مهاڻو ۽ شيدو گندري سان هئي. سو جڏهن ميلي ۾ شيدو جي ٻاري ۾ پهتو هوس ته هن دل سان ڀلي کيڪار ڪئي هئي. سندس خدمت ۾ مهاڻن جا ڳڀرو جوانڙا هڪيا حاضر هئا. انهن جا مائٽ مڇي مارڻ ۽ وڪڻڻ وارا مهاڻا به ٻاريءَ ۾ موجود هئا. حسب معمول هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ، گاريون ۽ ميٺ محبت وارو ماحول هو. اصل ڳالهه اها آهي ته، سنڌي سماج جو پنهنجو مزاج آهي. روئبو به گڏ ته کلبو به گڏ. پرائي ڀنڻ ۾ به ڀيچي ضرور ٿبو. ڪاڄ هجن يا ڪانڌپا، گڏجي ضرور هلبو. ههڙي آپدا، جيڪا هاڻ سر تي آيل آهي، نه ڪا سمي ڪئي نه ڪا سومري. بس مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.

ڳالهه پئي ڪئيسين ته، ميڙو هجي ۽ مشڪرا نه هجن. ائين نه ٿيڻو آهي، نه ٿيندو. غم دور ڪرڻ ۽ خوشي ۽ خريد لاءِ ته ميڙا مچندا آهن. شيدو هڪدم مٺائي، پڪوڙن ۽ چانهه سان تواضع ڪئي. ميڙي ۾ ٻيون به هوٽلون ۽ دوڪان هئا جتي، کوڙ سارا واقف ڪار ٻيا به مليا. هر ڪنهن ارا نمرا چئي کيڪار ڪئي ۽ پنهنجي حال آهر ڀال ڀلايا.

ستين جي قبرن تي عورتن جو وڏو تعداد موجود هو. ان کان علاوه ڄارين جي اوٽ ۾ ڌرتيءَ تي ٻهارو ڏيئي، رليون، گبرا، سوڙيون وڇائي اجرڪن جون اوٽون ڏيو ٻارڙن سميت عورتون ڪي ويٺل ته ڪي رڌڻ پچائڻ ۾ مصروف هيون. لاڙ ۾ اجرڪ جو استعمال ٻين سڀني علائقن کان وڌيڪ آهي. مرد اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندا آهن. عورتن کي ڇيٽ جي ڪپڙي يا ٻئي ڪهڙي به ڪپڙي جو لباس پهريل هجي پر اجرڪ ضرور اوڍيل هوندن.

هن ميلي ۾ ماڻهو ٻچا وٺي، ڪي ڍڳي گاڏين تي، ته ڪي ريڙهن ۽ رڪشائن تي چڙهي اچي پهچندا آهن. سالن جا سانڍيل خواب، خوشيون ۽ خواهشون، اميدون ۽ ارمان پورا ڪندا آهن. سڳيون، ڦڻيون، سلام سوپاريون، پٽ جا ڳانا، ڇلا، منڊيون، ويڙهه، ريشمي رومال هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏبيون آهن. ڏڍ ۽ ڏوراپا ڏبا ۽ وٺبا آهن. سرٻاٽن ۾ سور سلبا آهن. سينڌ تي هٿ رکي وچن ۽ واعدا پاربا آهن. دليون ڌڙڪنديون آهن. اکيون ڦڙڪنديون آهن. هٿ مان گرهه ڪرندا آهن. هڏڪيون ٿينديون آهن.

هڏڪي هير نه آهي مونکي،

جيڪر ڪنهن ته سنڀاريو هوندو،

ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو،

تون ته بنهه ڪو ڀورو آهين.

(بردو سنڌي)

مسڪين لوڪن جي، ننڍڙين خوشين واري، سال ۾ هڪڙو ڀيرو ايندڙ، اها هڪڙي رات، کن پل ۾ گذري ويندي آهي. ڏينهن ٿيڻ تي واپسي جو مايوس سفر ڪري گهر پهچندا آهن، جتي ڏکن، ڏوجهرن، غربت ۽ مسڪيني حال واريون بلائون، وات ڦاڙيو اڳئي انهن جي انتظار ۾ هونديون آهن.

هي ساموئيءَ جو گورستان آهي. انساني قدمن هيٺان چيڀاٽجندڙ هي هزارين گمنام قبرون ڪنهن جون آهن؟ اهي ڪير هئا؟ ڪيڙن ماڪوڙن وانگر پيدا ٿيا. ڏکن ڏوجهرن ۾ گذاري فنا ٿي وڃي ڌرتي داخل ٿيا. انهن مان ڪن جون قبرون ظاهر آهن ته ڪن جا نشان ئي مٽجي ميسارجي ويا. ڪي جنگين جنگاڻن ۾ وڙهندي مئا ته ڪي بي گناهه گهوڙن جي سنبن سان لتاڙجي مري کپي ويا. ايشيا جي تاريخ کي رڳو دارا، سڪندر، چنگيز، هلاڪو، بابر، شاهه بيگ وغيره جا نالا ياد آهن. انهن سان گڏ ايندڙ ماريندڙ ۽ مارجندڙ مخلوق ڪنهن کي به ياد ڪانهي، نه ئي انهن جو نالو نشان رهيو آهي. اهي خاموش قبرون اهو ڪونه ٻڌائينديون ته انهن ۾ اندر ستل انسان ڪهڙي ڏوهه گناهه ۾ ماريا ويا. هي جهرڪ، جنگشاهي، علي بحر، سونڊا، شيخ ترابي ۽ مڪلي وارا شاهي قبرستان، وڃي ڪو قبرون ڳڻي ته ڏيکاري. قيامت ايندي ۽ ضرور ايندي. ليکو چوکو به ٿيندو. ظالمن کي سزائون به ملنديون.

تاريخ جي دل ڏاريندڙ واقعن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. هي ڪهڙو سماج آهي. ڪيڏي نه بي وسي آهي. اسين جيئرا جاڳندا انسان پنهنجا ڏک سور کڻي مئلن وٽ ميڙ وٺي ٿا وڃون. شايد هو ٻڌندا به هجن!