ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر مويا شهر ڀرسان ڳوٺ محمد ابراهيم انڙ ۾ پيرسن محمد هاشم انڙ مبينا طور  اوطاق اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پيش آيل واقعي جو اطلاع  حد جي مويا پوليس کي ڏنو ويو جيڪا فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي فوتي پيرسن محمد هاشم انڙ جو لاش تعلقي اسپتال ٽنڊو غلام حيدر جي سول اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پيرسن جو لاش گهر پهچڻ بعد ڪهرام مچي ويو پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.