نواز شريف يا سندس خاندان خلاف ڪرپشن جا ثبوت اڃا تائين نه مليا: ڪاوي موسوي

0
250
نواز شريف يا سندس خاندان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) براڊ شيٽ سربراهه ڪاوي موسوي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي لڳايل الزامن کان مبينا طور الڳ ٿيندي معافي گهري ورتي آھي

پاڪستان جي نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ براڊ شيٽ جي سي اي او ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اڳوڻي ساٿي ڪاوي موسوي چيو ته کيس احتساب جي نالي تي نواز شريف کي نشانو بڻائڻ جي ٻن ڏهاڪن پراڻي مهم جو حصو بڻجڻ تي شرمسار آهيان

هن چيو ته هو رڪارڊ جي درستي تي معذرت ڪري ٿو ڇو ته ٻن ڏهاڪن جي براڊ شيٽ جي فرانزڪ جاچ ۾ نواز شريف يا سندس خاندان خلاف ڪرپشن جا ثبوت اڃا تائين نه مليا آهن

ڪاوي موسوي چيو ته براڊ شيٽ جي جاچ جي نتيجي ۾ نواز شريف يا ان جي خاندان جي ڪنهن به فرد جو ڪرپشن سامهون ناهي آيو

موسوي نجي ٽي وي کي ڏنل انٽريو ۾ چيو ته اسان کي چوري ڪيل رقم ناهي ملي جيڪا نواز شريف يا ان جي خاندان جوڙي سگهجي

واضح رهي ته براڊ شيٽ 1999 ۾ پرويز مشرف حڪومت سان معاهدو ڪيو هو ته نواز شريف، بينظير ڀٽو ۽ سول فوجي پس منظر رکڻ وارا سوين پاڪستانين جي مبينه طور تي لٽيل رقم جو پتو لڳايو وڃي

ھي به پڙھندا

پاڪستاني حڪومت ۽ نيب براڊ شيٽ کي ايندڙ هفتي تائين 12 لک ڊالر ادا ڪن: برطانوي هاءِ ڪورٽ