ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا ) ٽنڊو غلام جي يونين ڪائونسل يوسف خان چانگ جي ڳوٺ قادر بخش لغاريءَ ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب صالح محمد، اڪبر، محسن، احمد، جڙيو سميت 7 ڳوٺاڻن جا گهر ۽ گهرن اندر پيل هنڌ، کٽون، بسترا، اناج، ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق باھ سبب لکين رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي. اطلاع ملڻ تي ٽنڊو غلام حيدر مان فائرگيڊ گاڏي پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باهه متاثر ڳوٺاڻا بي يار و مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، جن جي واهر لاءِ ڪو به سرندي وارو يا چونڊيل نمائندو نه پهتو، متاثرن اپيل ڪئي آهي ته هنگامي بنيادن تي سندن واهر ڪئي وڃي.