رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان ڳوٺ جاڙا کوھ ۾ پورهيت حاڪم علي ڪلھوڙو جي گهر کي چلهه جي چڻنگ مان باھ لڳڻ سبب گهر ۾ بيٺل 4 ٻڪريون، ھڪ مينهن اناج، ھنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، پورهيت موجب فائرنگ برگيڊ عملي گمبٽ کي اطلاع ڪرڻ باوجود نه پھتو جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ھن ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مالي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسين بي يار و مددگار کليل آسمان هيٺ مدد جا منتظر آھيون اسان جي مدد ڪئي وڃي.