ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) نيو ڪراچي ۾ گارمينٽس فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، تيار ڪپڙو، مشنري ۽ سامان سڙي رک، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن صبح جو نيو ڪراچي جي صنعتي ايريا ۾ واقع الله والي گارمينٽس فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، اطلاع تي فائربرگيڊ جي گاڏين پهچي 4 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو، فائر برگيڊ عملي موجب باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم ٿي ناهن سگهيا، صبح جو وقت ۽ موڪل جو ڏينهن هجڻ سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، باهه سبب فيڪٽري اندر تيار ڪپڙو ۽ مشنري سڙي وئي، مالڪ پاران ڪروڙين رپين جي نقصان جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.