دادو (رپورٽر) جوهي جي ڳوٺ سونهارو خان شاهاڻي جي رهواسين محمد مراد شاهاڻي ۽ مرتضیٰ شاهاڻي دادو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته ڀان سعيدآباد پوليس 25 مئي کان مسلسل 5 ڏينهن تائين گهرن تي چڙهايون ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪري الماڙين، پيتين جا تالا ٽوڙي خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ايس ايچ او مظهر نائچ 23 تاريخ کان بنا جواز مسلسل چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري رهيو آهي ، 2 لک 95 هزار روڪ ، 9 تولا سون بندوق ، چوپايو مال کڻي وئي آهي ۽ پوليس ، ڪنھن بنا ڪنهن ڪيس جي سئوٽ قلندر بخش شاهاڻي ۽ 12 سالن جي علي مراد شاهاڻي کي گرفتار ڪري وئي ۽ قلندربخش شاهاڻي جي گرفتاري ظاهر ۽ 12 سالن جي علي مراد شاهاڻي کي گم ڪري ڇڏيو آهي، خدشو آهي ته معصوم نينگر کي ڀان پوليس تشدد ۾ ماري ڇڏيو آھي ان ڪري کيس ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي، قلندر بخش کي آزاد ڪري نينگر علي مراد کي ظاهر ڪري آزاد ڪري گهرن مان لٽ ڦر ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.