ٽنڊوالهيار واقعو: شر پسندن خلاف 2 الڳ الڳ ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا

0
246
ٽنڊوالهيار واقعو: شر پسندن خلاف 2 الڳ الڳ ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا
ٽنڊوالهيار واقعو: شر پسندن خلاف 2 الڳ الڳ ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا

ٽنڊوالهيار (ن پ ا) ٽنڊوالهيار ۾ گذريل رات پوليس مددگار 15 کي باھ ڏئي ساڙيندڙ  شر پسندن خلاف  2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آهي

گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم ٽنڊوالهيار جي اڳواڻ ڀولو خانزاده جي سيشن ڪورٽ ٽنڊوالهيار جي سامهون مارجي وڃڻ تي  ايم ڪيو ايم جي سوڳ جي اعلان بعد ٽنڊوالهيار شهر جا ايم ڪيو ايم جي اثر هيٺ علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل بند آھي

شهر جي نجي اسڪولز انتظاميه به حالتن کي ڏسندي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آھي، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پيٽرول پمپس به بند آھن

گذريل رات پوليس مددگار 15 جي آفيس تي بيٺل موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين کي باھ ڏئي ساڙڻ جو ايس ايس ٽنڊوالهيار سخت نوٽيس وٺندي ٽنڊوالهيار شهر اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي شرپسندن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ٽنڊوالهيار ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن شهر جي محله پريم نگر، انڙ پاڙي اسٽيشن ايريا ۾ شرپسندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي 3 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن وڌيڪ پوليس جي ڪارروائي جاري آهي