اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ کي لکت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ٻڌايو آهي ته ٽن سالن ۾ پرڏيهي  ملڪن ڏانهن روزگار خاطر وڃڻ لاءِ 11 لک 39 هزار 369 پاڪستانين پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو، نيشنل نيوٽريشن سروي 2018ع مطابق پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 53.7 سيڪڙو ٻار ايمونيا (رت جي کوٽ) ۽ 40.2 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ (خوراڪ جي گهٽتائي) جو شڪار آهن، ڪالهه سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي دوران صحت وزارت لکت ۾ سوال جو جواب ڏيندي ٻڌايو آهي ته نيشنل نيوٽريشن سروي 2018ع مطابق پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 53.7 سيڪڙو ٻار ايمونيا ۽ 40.2 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن، 6 کان 10 سالن جي عمر رکندڙ ٻارن جا انگ اکر وزارت وٽ موجود نه آهن، حڪومت باخبر آهي ته پاڪستان غذائيت جي کوٽ واري مسئلي جو شڪار آهي، وزيراعظم جي هدايت تي غذائي کوٽ جي تدارڪ جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي، حدف ملڪ جي 67 ضلعن جا ٻار ۽ عورتون آهن، پروگرام تي عملدرآمد لاءِ فنڊن جو انتظار ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ثانيه نشتر ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خوراڪ جو شڪار ٻارن جو تعلق صرف غريب گهراڻن سان نه آهي، ان جي سببن ۾ غربت کان سواءِ آگاهي جو به مسئلو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ٻڌايو آهي ته پرڏينهن ملڪن ڏانهن روزگار لاءِ وڃڻ خاطر 11 لک 39 هزار 369 پاڪستاني شهرين پاڻ کي ٽن سالن دوران رجسٽرڊ ڪرايو آهي، جن ۾ 3 لک 47 هزار ڊرائيور، 4 لک 52 هزار مزدور، 749 آرٽسٽ،4 هزار 592 ڊاڪٽر  ۽ 10 هزار 709 انجئير شامل آهن، سعودي لاءِ 6 لک 24 هزار، يو اي اي لاءِ 92 هزار، عمان لاءِ 77 هزار پاڪستانين پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي.