ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ رولو ڪتن جي وڌيل آزار کانپوءِ پهرين ڀيرو ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن ۽ ڊفنيس ۾ موجود پالتو ڪتن جي رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي، انهي حوالي سان هڪ فارم پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ڪتي مالڪ 2250 رپين جو چالان، ڪتي جي تصوير ۽ پنهنجوسڃاڻپ ڪارڊ ڏئي ڪتو رجسٽرڊ ڪرائي سگهندا، سي بي سي اختيارين موجب ڪينٽونمينٽ ايڪٽ 1924ع جي فقري 119 هيٺ پالتو ڪتو رجسٽرڊ نه ڪرائيندڙ ڪتي مالڪ تي ڳرو ڏنڊ وجهي سگهجي ٿو.