سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر نيوپنڊ ٿاڻي جي حد اسلام ڪالوني جي چاچڙ محلي ۾ شريف شر ۽ قطب الدين شر ۾ پراڻي جهيڙي معاملي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ٻه سڳا ڀائر عبدالرحمان ۽ منير شر ولد محمد شريف شر زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، 35 ورھين جو عبدالرحمان شر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جڏھن ته زخميءَ کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو آھي. لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، مقتول جي والد محمد شريف شر جو چوڻ آهي ته قطب شر واري ڌر گهر تي حملو ڪري عبدالرحمان شر کي قتل ڪيو آهي ۽ سندس ڀاءٌ منير شر کي زخمي ڪيو ويو آهي، هن الزام هنيو آهي ته جوابدار ڌر هڪ ڄڻي سڌير شر کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، قطب شر واري ڌر اسان جي گھر تي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاھي پئي جنھن جي لاءِ ڌمڪيون به ملنديون ھيون، ھن الزام مڙھيو ته ڪالھه قطب الدين شر جي چرچ تي ھٿياربندن حملو ڪري منھنجي نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي ۽ ٻئي پٽ کي زخمي ڪيو ويو آھي. واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته شريف ۽ قطب شر وارين ڌرين ۾ پراڻو پراپرٽي تي جهيڙو هلندڙ آهي ان تان واقعو پيش آيو آهي، ٻنھي ڌرين ۾ غيرت واري معامري تان پڻ جھيڙي جا چوٻول آھن اِن حوالي سان پوليس وڌيڪ جاچ ڪري پئي جاچ بعد اصل حقيقتون سامھون اچي وينديون. ٻئي طرف پوليس سکر ۽ لکي جي مختلف علائقن ۾ قتل بعد ڇاپا ھڻي قتل جي الزام ھيٺ آيل ڌر جي نيڪ مرد قطب الدين شر سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن جي پوليس گرفتار ظاھر ناھي ڪئي.