ڪراچي (م ڊ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو شادي بعد مڙس جي حوالي سان افواهن تي وضاحتي وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو، حريم شاهه چيو آهي ته منهنجو ڪنهن به ماڻهو سان واسطو نه هو، سوشل ميڊيا تي ڪنهن به ماڻهو سان منهنجو نالو نه ڳنڍيو وڃي، حريم شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هيل تائين جِن ماڻهن سان گڏ وڊيوز ٺاهيون، اُهي رڳو مشهوري لاءِ هيون، پروموشن لاءِ ٺهيل وڊيوز جو مطلب اهو نه آهي ته اُن ماڻهو سان منهنجو واسطو آهي.