سکر (بيورو رپورٽ) “روزاني پنھنجي اخبار ” کي بھترين ڪارڪردگيءَ تي پاڪستان ۾ ٻارڙن تي تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ساحل طرفان چائلڊ فرينڊلي نيوز پيپر ايوارڊ 2020ع ڏنو ويو. سکر جي هڪ هوٽل ۾ ڪوٺايل تقريب جو مھمان خاص ايڊمنسٽريٽر علي رضا انصاري هو.ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري، ساحل ھيڊ آفيس ۾ پروگرام آفيسر ميڊيا طور ڪم ڪندڙ وقاص احمد، سھيل احمد، ڪوآرڊينيٽر جعفرآباد صدام حسين ۽ ماھر نفسيات ابصار فاطمه خطاب دوران ملڪ ۾ ٻارڙن مٿان جنسي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته ملڪ اندر روزانو 8 ٻارڙن کي وحشي درندن طرفان جنسي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن چيو پرنٽ ميڊيا ۾ متاثر ٻارڙن جي نيوز شايع ٿيڻ بابت قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪندڙ ملڪي توڙي صوبي سطح تي ايوارڊ ڏنو ويندو آھي. سنڌ ۾ ٽن سنڌي اخبارن اي ڪيٽيگري ۾ جاءِ ٺاھي جنھن مان پنھنجي اخبار پھرين نمبر تي ايندي ايوارڊ پنھنجي نالي ڪري ورتو آھي. بھتر ڪارڪردگيءَ تي پنھنجي اخبار جو ايوارڊ ايڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري، ڊي اي پي ڊي عملدار عبدالقدوس ميمڻ، شبير ميمڻ، زبير مھر ۽ ٻين سکر عيوضي فاروق سومرو کي ڏنو. جڏھن ته والنٽيئر جو ايوارڊ گھوٽڪي واسي سيف اللھ چنا ۽ نصير چنا کي ڏنو ويو.